ملڪ ۾ في تولو سون 1 لک 23 هزار 900 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 1975 ڊالر تي مستحڪم جڏهن ته ملڪ ۾ في تولو سون 1 لک 23 هزار 900 رپين جو ٿي ويو.

تفصيل موجب عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت بنا ڪنهن تبديلي جي 1975 ڊالر تي مستحڪم رهي پر ملڪ ۾ سون جا اگهه تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويا.

پاڪستان ۾ سون جي في تولو ۽ 10 گرام قيمت ۾ ترتيبوار 400 رپيا ۽ 343 رپيا واڌ جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، فيصل آباد، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽ ۾ في تولي سون جي نئين قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح 1 لک 23 هزار 900 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت واڌ کان پوءِ 1 لک 6 هزار 224 رپين تي پهچي وئي. پر ان جي ابتڙ في تولي چاندي جي قيمت بنا ڪنهن تبديلي جي 1500 رپيا 10 گرام چاندي جي قيمت 1286 رپين تي مستحڪم رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.