ميهڙ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران بک ھڙتال جاري

عوامي آواز رپورٽ
ميهڙ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران بک ھڙتال جاري
عوامي آواز رپورٽميهڙ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران بک ھڙتال جاري

ميهڙ تعلقي جي واهن  ماڏو شاخ،  ڌامراھ  واھ ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پندرهين ڏينهن عيد جي موقعي تي  به آبادگارن ۽ ايس يو پي پاران حاجي خان چانڊيو ,نياز چانڊيو ، موسي خان، عطاحسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک ھڙتال جاري رکي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي نه ھجـڻ سبب فصلن جو ٻيجارو سڪي رھيو آهي، آبپاشي  ڪامورن پاڻي ڏيڻ بجاء مڪمل طور تي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي  جنهن سبب هو سخت پريشان آهن، هنن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ، آبپاشي  واري وزير سهيل انور سيال ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو  ته راشي آبپاشي آفيسر کي هٽائي کين پاڻي ڏياريو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.