سنڌ جي راڄڌاني ۾ غيرت جي نالي تي ڀاءُ هٿان ڀيڻ ۽ سندس ساٿي قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي علائقي منگهو پير غازي ڳوٺ جي رهواسي غيرت جي نالي تي ڀيڻ ۽ مائٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.

ان بابت ضلعي ملير جي ترجمان ٻڌايو ته قتل ٿيل مقتول 2 ڏينهن اڳ ئي ملير سٽي واري علائقي ۾ گهر ورتو هو.

پوليس ترجمان موجب گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ملير سٽي واري علائقي جوهر آبار مان مرد ۽ عورت جا 3 ڏينهن پراڻا لاش هٿ ڪيا ويا.

جوابدار موجب هن مال پڙي مان قتل جي نيت ڪري ڇُري خريد ڪئي ۽ پنهنجي ڀيڻ کي ساٿي سميت قتل ڪرڻ کان پوءِ گهر کي ٻاهران تالا هڻي ڇڏيو هو.

پوليس موجب موجب جوابدار جي پيءُ کي ڌيءَ جي قتل جي خبر پئي ته هن پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ ٿاڻي منگهو پير ٿاڻي ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪرايو.

ملير ضلعي جي پوليس ترجمان موجب مقتولن جي سڃاڻپ 20 سالن جي سميرا ۽ 21 سالن جي زاهد حسن جي نالن سان ٿي ۽ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اماڻيا ويا.

هن ٻڌايو ته پوليس وڌيڪ جاچ پڻ ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.