ڊيوٽي ختم ڪري گهر ويندڙ پوليس آفيسر دهشتگردن هٿان قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ ڊيوٽي ختم ڪري موٽر سائيڪل تي سادن ڪپڙن ۾ گهر ويندي پوليس آفيسر کي ناردرن باءِ پاس تي دهشتگردن قتل ڪري ڇڏيو.

سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) ملير عرفان بهادر موجب سب انسڪپٽر يار محمد گلشن معمار ٿاڻي ۾ مقرر هو، هو رات 8 وڳي ٿاڻي تان ڊيوٽي ختم ڪري سادا ڪپڙي پهري موٽر سائيڪل تي پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته نادرن باءِ پاس تي موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن ياد محمد کي نشانو بڻايو.

پوليس موجب جوابدار يار محمد تي فائرنگ ڪئي جنهن تي هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

ايس ايس پي ملير عرفان بهادر موجب شهيد پوليس سب انسپڪٽر يار محمد جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هلندڙ مهيني دوران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس تي اِهو ڇهون حملو آهي.

گذريل چار هفتن دوران پوليس اهلڪارن کي قتل ڪري دهشتگرد هٿيار به کسي وڃي چڪا آهن.

هوڏانهن انسپڪٽر جنرل سنڌ پوليس (آءِ جي) مشتاق احمد مهر نادرن باءِ پاس جي ڀرسان فائرنگ جي واقعي تي ايس ايس پي ملير کان سمورن قدمن تي ٻڌل رپورٽ فوري طور طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.