سون ۽ ڊالر اڄ وري مهانگا، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ٻاڙائي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۽ ڊالرجي قدر ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

سون:

سنڌ سونارا ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولو قيمت 250 رپيا واڌ سان هڪ لک 22 هزار 750 رپيا ٿي وئي.

10 گرام سون جو قدر 214 رپيا واڌ سان 105238 رپيا آهي جڏهن ته عالمي صرافا مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 25 ڊالرن جي واڌ سان 1955 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

ڊالر:

ٻئي پاسي ملڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ به واڌ ٿي آهي ۽ انٽر بينڪ ۾ ڊالر 32 پيسا مهانگي ٿي وئي جنهن کان پوءِ واپار جي پڄاڻي تي انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو قدر 166.78 رپيا رهيو.

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 40 پيسا واڌ سان 167 رپيا ٿي ويو

اسٽاڪ ايڪسچينج:

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس اڄ 209 پوائنٽس جي واڌ سان 38 هزار 836 تي بند ٿيو آهي.

واپاري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 497 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو. اڄ هنڊريڊ انڊيڪس جي بلند ترين سطح 39 هزار 124 پوائنٽس رهي.

بازار ۾ اڄ 50 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا جنهن جي ماليت 21 ارب رپين کان وڌيڪ رهي. مارڪيٽ ۾ ڪيپٽلائزيشن 21 ارب رپين کان وڌي 7 هزار 235 ارب رپيا ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.