سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ مينهن سبب ٿيل نقصان تي شهرين کان معافي گهري ورتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ڪراچي ۾ مينهن کان پوءِ پيدا ٿيل ٻڏتر صورتحال تي شهر واسين کان معذرت ڪري ورتي.

ڪراچي ۾ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني سان گڏ سڌُ سماءَ واري ناصر حسين شاهه گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته جتي ڪيترائي ڏينهن پاڻي بيٺل رهندو هو اسان جي ڪجهه ڪ جي ڪري اُتان پاڻي ٻن کان اڍائي ڪلاڪن ۾ ختم ٿي ويو.

هن ٻڌايو ته ماڻهن جي مدد حڪومت جي ذميواري آهي ۽ بروقت ڪارروائي جي ڪري صورتحال بهتر ٿي آهي.

ناصر حسين شاهه چيو ته ورلڊ بينڪ جي امداد سان ”سوئيپ“ نالن جي صفائي جو ڪم ڪيو جنهن ۾ ڪراچي بلديه عظميٰ (ڪي ايم سي) کي آن بورڊ رکيو ويو.

سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڳن تي نارٿ ناظم آباد سميت ڪجهه علائقن مان پاڻي جي ڪري شڪايتون مليون جنهن جو هڪ سبب اِهو آهي ته جبلن تان پاڻي ايندو آهي پر بروقت ڪوششن سان صورحال بهتر ڪئي.

ان کان سواءِ سندس چوڻ هو ته اسان نالن جي صفائي دوران پٿر به ڪڍيا ۽ جيڪي ويڊيوز نالن جي صفائي جي حوالي سان ڏيکاريون اُهي اسان جي موقف جو سچ آهي جڏهن ته ڊي ايم سيز جي نالن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خاص گرانٽ به جاري ڪيا آهن.

ناصر حسين خبردار ڪيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته عوام کي ريليف ملي پر رنڊڪون وجهندڙ باز اچن ڇو ته اسان سڀ گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته غير قانوني طور تي روڊ ڪٽنگ وارن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي ۽ ان ڏس ۾ ميڊيا نشاندهي ڪري.

هن ٻڌايو ته ڪراچي جو ميئر وسيم اختر سمورن چيئرمينن سان رابطي ۾ آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت جي خلاف سازشون نئين ڳالهه ناهي، سوشل ميڊيا تي باقاعده منصوبابندي جي تحت منفي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي.

ناصر حسين شاهه چيو ته اڄ ڪراچي جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي جيڪو سنڌ حڪومت جو ڪارنامو آهي.

سڌُ سماءَ واري وزير ٻڌايو ته عيدالاضحيٰ جي حوالي سان سالڊ ويسٽ مينجمنٽ بورڊ، ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز گڏيل بندوبست ڪيا.

آخر ۾ هن چيو ته ذوالفقار ڀٽو جي تصوير جي بي حرمتي ڪندڙن کي خبردار ڪيون ٿا.

سعيد غني:

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني دعويٰ ڪئي ته سنڌ حڪومت چوماسي دوران پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون جڏهن ته وفاقي حڪومت ڪراچي ميئر کي نالن جي صفائي لاءِ ڪجهه نه ڏنو.

هن چيو ته وزير اعظم عمران خان هڪ نه پر ڪراچي لاءِ 3 ڪميٽيون بڻايون پر پي ٽي آءِ ماڻهن جا مسئلا حل ناهن ڪيا پر نوان مسئلا پيدا ڪيا.

پ پ اڳواڻ چيو ته ڪراچي جي نالن جو ڪچرو ڪڍي روڊ تي اڇلايو ويو ۽ الزام هنيو ويو ته اسان ڪجهه ناهي ڪيو ان ڪري ڪير جيڪڏهن ڪو ڪم ڪري رهيو آهي ته رنڊڪ نه وڌي وڃي.

هن چيو ته وفاقي وزيرن مان ڪير به ڪراچي جي روڊن تي نظر نه آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.