بيٽسمينن جي فلاپ ٿيڻ تي پريشاني ناهي: يونس خان

 

ڊربي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ يونس خان چيو آهي ته انٽرا اسڪواڊ ميچن ۾ ڪڏهن بالر ته ڪڏهن بيٽسمين ڇانيل رهيا، بابر اعظم جي ڪلاس آهي، چاهيان ٿو ته هو ليجنڊري بيٽسمين بڻجي.

ويڊيو لنڪ پريس ڪانفرنس ڪندي يونس خان چيو ته ڊربي ۾ سموريون سهولتون موجود آهن، دوستاڻو ۽ آزاد ماحول مليو آهي، منهنجو جارحاڻو انداز راند دوران هو پر هاڻ گهڻو ڪجهه سکي ورتو آهي.

هن چيو ته اڄڪلهه وقار يونس منهنجي ڪوچنگ ڪري رهيو آهي، بالنگ ڪوچ کان جادوئي لٺ وٺڻ جي ڪوشش ڪندس ته جيئن بيٽسمينن کي جلد سيکاري سگهان، بابر اعظم سميت هر رانديگر کي هڪ جيترو وقت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس، ڪوشش آهي ته بابر اعظم پنهنجي ڪاميابي ۽ ڪارڪردگي ۾ اڳتي وڌي.

سندس چوڻ هو ته بابر اعظم جي ڪنهن سان به ڀيٽ نٿو چاهيان، هن جي ڪلاس آهي، چاهيان ٿو ته ليجنڊري بيٽسمين بڻجي.

يونس خان چيو ته ووسٽر ۾ بيٽنگ لاءِ سٺي ڪنڊيشن هئي، ڊربي ۾ فاسٽ بالر ڇانيل رهيا، انٽرا اسڪواڊ ميچن ۾ هڪٻئي جي ڪمزورين جي خبر پوندي آهي، بيٽسمينن جو فلاپ ٿيڻ پريشان ڪندڙ ناهي.

بيٽنگ ڪوچ موجب انگلينڊ خلاف سيريز شروع ٿي ته ڀرپور انداز ۾ نظر اينداسين، ٿي سگهي ٿو ته سيريز ۾ نتيجا نظر نه اچن پر اڳتي ضرور نظر ايندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.