ناليوارو شاعر ۽ اديب پروفيسر عنايت علي خان لاڏاڻو ڪري ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري شاعر، اديب، تعليمي ماهر ۽ عالم پروفيسر عنايت علي خان 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

پروفيسر عنايت علي خان دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو.

عنايت علي خان 1935 ۾ ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر ٽونڪ ۾ ڄائو ۽ آزادي کانپوءِ والدين سان گڏ هجرت ڪري پاڪستان آيو، جتي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ آباد ٿيو.

سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرز ڪرڻ کانپوءِ عنايت علي خان تدريسي عمل سان سلهاڙجي ويو ۽ ڪيترو ئي عرصو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سان به سلهاڙيل رهيو.

پرفيسر عنايت علي خان بهترين شاعري پڻ ڪئي پر کيس گهڻي شهرت مزاحيا شاعري ذريعي ملي.

سندس شعري مجموعن ۾ ”ازراه عنايت، عنايتين ڪيا ڪيا ۽ ڪليات عنايت“ شامل آهن.

پروفيسر عنايت علي خان جي جنازي نماز ڪراچي جي علائقي ماڊل ڪالوني ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن جي وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ سندس مڙهه ماڊل ڪالوني قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.