ڪراچي: ڊي ايس پي گلبهار جي آفيس تي ڪريڪر حملو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر سينٽرل ضلعي ۾ موجود ڊي ايس پي گلبهار جي آفيس تي موٽر سائيڪل سوار جوابدارن ڪريڪر سان حملو ڪيو پر خوش قسمتي سان ڌماڪيدار مادو ڦاٽي نه سگهيو.

ايس ايس پي سينٽرل عارف اسلم رائو موجب ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۽ ناظم آباد جي وچ ۾گجر نالي تي قائم اڳوڻي سپر مارڪيٽ ٿاڻي جي عمارت ۾ ڊي ايس پي گلبهار جي آفيس موجود آهي.

پوليس موجب اڄ منجهند موٽر سائيڪل تي سوار 2 جوابدارن آفيس جي ٻاهران ڪريڪر سان حملو ڪيو ۽ فرار ٿي ويا.

جتي ڪريڪر اڇلايو ويو اُتي آفيس جو سنتري ۽ ٻيا پوليس اهلڪار موجود هئا، خوش قسمتي سان ڌماڪيدار مادو ڦاٽي نه سگهيو.

ايس ايس پي عارف اسلم رائو ٻڌايو ته فوري طور تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو جن ڪريڪر کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.