ضياءُ الرحمان جي مقرري تي ايم ڪيو ايم پاڪستان خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُ الرحمان کي ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل مقرر ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر ڪنور نويد جميل ضياءُ الرحمان جي مقرري تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خط لکيو آهي.

خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ڊيپوٽيشن تي سنڌ حڪومت ۾ تبديلين تي پابندي لاڳو ڪئي آهي ۽ ضياءُ الرحمان جي مقرري سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي توهين آهي.

خط ۾ لکيو ويو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير بنا دير ڊي سي سينٽرل جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي، ايم ڪيو ايم اڳ ئي جعلي ڊوميسائل معاملي تي سڀني قانوني فورسز تي آواز اٿاري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.