موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٻيهر مينهن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چوماسي جي ٽئين اسپيل تحت شهر ۾ ڇنڇر تي هلڪي ۽ آچر جي وچ رات مينهن جا امڪان آهن، مينهن جو سلسلو ايندڙ ٽن ڏينهن تائين برقرار رهڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن.

موسميات کاتي موجب ڀارتي گجرات ۾ بڻجندڙ ڊيپ لوپريشر جي شدت اڳوڻي سسٽم کان گهٽ آهي، پر ان جي ٽرف (پکيڙ) جي ڪري ڇنڇر تي شهر هلڪي مينهن جا امڪان آهن ۽ مينهن جو سلسلو سومر تائين برقرار رهي سگهي ٿو. جڏهن ته ان دوران آچر جي وچولي رات مينهن جا امڪان آهن.

 چيف ميٽرو لوجسٽ ڪراچي سردار سرفراز موجب شهر ۾ مون سون جي ٽئين اسپيل تحت هلڪي نوعيت جي منهن جا امڪان آهن پر مينهن کان اڳ تيز هوائون هلي سگهن ٿيون. ڄاڻايل سسٽم جي تحت 20 ملي ميٽر مينهن جا امڪان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.