پاڪستان ۾ بيگو ايپ بند، ٽڪ ٽاڪ کي آخري وارننگ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) لائيو اسٽريمنگ ايپليڪيشن بيگو کي فوري طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ کي به آخري وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته مختلف طبقن طرفان ٽڪ ٽاڪ تي غير اخلاقي ويڊيوز جون دانهون مليون هيون، جنهن تي وارننگ ڏني وئي هئي پر ٽڪ ٽاڪ طرفان تحريري جواب تسلي جوڳو ناهي، تنهن ڪري ان کي حتمي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ تان سموريون غير اخلاقي ويڊيوز هٽايون وڃن ۽ ٽڪ ٽاڪ تي اڳتي اهڙيون ويڊيوز اپ لوڊ نه ٿيڻ جي به خاطري ڪرائي وڃي.

پي ٽي اي طرفان فحش ۽ غير اخلاقي مواد تي لائيو اسٽريمنگ ايپ بيگو کي فوري طور پاڪستان ۾ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.