عامر لياقت حسين استعيفيٰ لاءِ وزير اعظم کان وقت گهري ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر عامر لياقت حسين مستعفيٰ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪراچي ۾ جاري لوڊشيڊنگ بابت پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين چيو ته هن وزير اعظم عمران خان کان پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪرڻ لاءِ وقت گهريو آهي.

هن پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ڪراچي جو هڪ بي وس ايم اين اي آهيان، پنهنجي شهر جي ماڻهن کي بجلي فراهم ڪرائڻ کان قاصر آهيان، مون کي ماڻهن جو تڙپڻ، سسڪڻ ۽ مونس علي جو ڪوڙ نٿو سٺو وڃي. وزير اعظم کان وقت گهريو آهي هن سان ملي پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.