کنڊ انڪوائري ڪميشن رپورٽ خلاف شگر ملز جي انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي جوڳي قرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کنڊ انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي خلاف شگر ملز جي انٽرا ڪورٽ اپيل کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي حڪومت سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اٽارني جنرل آف پاڪستان کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي.

اڄ ٻڌڻي دوران عدالتي پڇاڻي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر ٻڌايو ته شگر ڪميشن کي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن گزٽ آف پاڪستان ۾ 16 مارچ تي شايع ٿيو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته شگر انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ ڪابينا جي سامهون ڪڏهن پيش ڪئي ويندي؟ حڪومت رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو چيو، پبلڪ ڪرڻ جو طريقيڪار ڪهڙو آهي؟ ڇا رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو مطلب رپورٽ ميڊيا کي ڏيڻ آهي؟ ڇا نوٽيفڪيشن بروقت شايع نه ٿيڻ سان ڪميشن غير قانوني ٿي ويندي؟

بعد ۾ شگر ملز ايسوسيئيشن جي وڪيل مخدوم علي خان شگر انڪوائري رپورٽ معطل ڪرڻ جي اپيل ڪئي ته جسٽس عامر فاروق چيو ته ان معاملي کي لکت وارو حڪم نامو جاري ڪندي ڏسنداسين.

ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.