قمبر ۾ بدامني، ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون واپس نه ٿيون، احتجاج

قمبر )  ڊ ر  ) قمبر جي ڳوٺ ڪوريجا جي رهواسين جي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپسي نه ٿيڻ ڪري قمبر پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو مظاهرو ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حاجي احمد خان ڪوريجو،فريد ڪوريجو، غوث محمد ڪوريجو،احمد علي،عبدالوهاب ڪوريجو ۽ ٻين چيو ته قمبر لڳ جئين ابڙو روڊ سان ڦرن جي وارداتون معمول بڻيل آهن، پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي سندس برداري جي ٻن نوجوانن کان هڪ هفتو اڳ ڪورونا جي ڊيوٽي ڪري واپس اچي رهيا هئا ته  موٽر سائيڪلون ڦر ڪيون ويون، پر پوليس هن وقت تائين ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائڻ ۾ ڪا به دلچسپي ظاهر ڪو نه پئي ڪري، هنن ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته قمبر کان نوٽيس وٺڻ موٽر سائيڪلون واپس ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.