سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي ڪندي وڌيڪ 2 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪشمير ميڊيا سروس جي رپورٽ موجب ڀارتي فوج گلگام جي علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ۽ گهرن ۾ زوري گهڙي عورتن سان بدسلوڪي ڪئي جڏهن ته ٻارن، پوڙهن ۽ نوجوانن کي گرفتار ڪيو.
آپريشن دوران پوليس اهلڪارن ٻن نوجوان کي گهر کان ٻاهر نه ڪڍيو ويو ۽ پوءِ انهن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.
نوجوانن جي شهادت کان پوءِ گلگام ۾ عوام احتجاج شروع ڪيو ته والارلي ڪشمير جي ٻين شهرن تائين پکڙجي ويو.