دعا منگي ڀنگ ڀرڻ کانپوءِ آزاد ٿيڻ جو انڪشاف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل سال ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان اغوا ٿيل دعا منگي ڪيس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ناريءَ جي پيءُ ڀنگ ڀري ڌيءُ کي آزاد ڪرايو هو.

ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي منتظم عدالت ۾ دعا منگي اغوا ڪيس ۾ پوليس چالان جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته دعا منگي جي پيءُ ڀنگ ڀري ڌيءُ کي آزاد ڪرايو هو.

چالان موجب اغوا ڪندڙ دعا منگي جي ڀنگ لاءِ اٽلي جو فون نمبر استعمال ڪري رهيا هئا ۽ دعا منگي جي والدين سان واٽس ايپ تي رابطو ڪندا رهيا.

پوليس موجب اغوا کانپوءِ دعا منگي کي ڪلفٽن جي هڪ فليٽ ۾ رکيو ويو هو ۽ جوابدارن ناريءَ کي زنجيرن سان ٻڌو هو، جڏهن ته گذڙيل سال ئي مئي ۾ ڊنفيس مان گهر ٻاهران اغوا ٿيندڙ بسما کي به اغوا کانپوءِ ان ئي فليٽ ۾ رکيو ويو هو.

چالان موجب ڪيس ۾ مظفر عرف موذي، زوهيب قريشي، محمد طارق عرف شڪيل سميت 5 جوابدار گرفتار آهن، جوابدارن پنهنجي بيان ۾ اغوا بابت ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ۽ انهن وٽان 9 ايم ايم پسٽل، 30 بور پسٽل، گاڏي ۽ ٻيون اهم شيون هٿ ڪيون ويون آهن.

دهشتگردي جي خاتمي جي منتظم عدالت ڪيس جو چالان منظور ڪري ورتو آهي ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 جولاءِ تي ٿيندي.

واضح رهي ته گذريل سال ڊفينس ۾ 30 نومبر تي ڪار سوار جوابدارن نوجوان حارث کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هو ۽ ان سان گڏ موجود دوست دعا منگي کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا هئا، جڏهن ته اغوا جي هڪ هفتي کانپوءِ ناري گهر واپس پهچي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.