فتح جنگ: کوهه جي صفائي دوران گيس ڀرجڻ سبب 6 مزدور فوت

فتح جنگ(ويب ڊيسڪ) کوهه جي صفائي دوران گيس سبب ساهه ٻوساٽجڻ سان 6 مزدور فوت ٿي ويا.

ريسڪيو اختيارين موجب واقعو ٻهراڙي واري ڳوٺ ڍوڪ مليار ۾ پيش آيو جتي مزدور کوهه جي صفائي ڪري رهيا هئا ته ان دوران گيس ڀرجي ويو جنهن سان ساهه ٻوساٽجڻ تي 6 مزدور فوت ٿي ويا.

ريسڪيو اختيارين موجب واقعي جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي امداي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون ۽ لاش کي ڪڍڻ وارو ڪم جاري آهي.

ريسڪيو اختيارين فوتگين ۾ واڌ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.