وفاق ڪراچي وارن لاءِ بجلي 2 رپيا 89 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت ڪي اليڪٽرڪ صارفن جي لاءِ بجلي 2 رپيا 89 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

تفصيل موجب ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جي تحت اي سي سي ڪي اليڪٽرڪ صارفن جي لاءِ بجلي 2 رپيا 89 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، بجلي اگهن ۾ واڌ ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ هوندي ۽ اگهن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان ئي هوندي.

اجلاس ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام سان 3.72 ملين خاندانن کي امداد ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، پروگرام جي تحت 29.72 ارب رپيا ٻه هزار رپيا في ڪس جي حساب سان ورهايا ويندا، اي سي سي 37 لک 25 هزار درخواستگذارن جي لاءِ 29.72 ارب رپين جي ڪيش ٽرانسفر جي منظوري ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.