پي ٽي ڊي سي کي بند ڪرڻ وارو معاملو: زلفي بخاري وضاحت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽورازم ڊيولپمنٽ ڪارپوريشن (پي ٽي ڊي سي) جي چيئرمين زلفي بخاري جو چوڻ آهي ته پي ٽي ڊي سي کي بند ناهيون ڪري رهيا پر نئين سر جوڙ جڪ پيا ڪيون.

پنهنجي هڪ بيان ۾ زلفي بخاري چيو ته بدانتظامي ۽ سياسي مقررين پي ٽي ڊي سي کي غير فعال ۽ خساري وارو ادارو بڻايو ويو هو، تبديلين جو مقصد پي ٽي ڊي سي جي ڪارڪردگي کي عالمي معيار جي موجب بڻائڻو آهي.

هن چيو ته پي ٽي ڊي سي جي لاءِ روڙيون ڪندڙ ڄاڻي وٺن ته ان کي هڪ فعال ادارو بڻايو پيو وڃي.

 زلفي بخاري جو چوڻ هو ته پي ٽي ڊي سي ۾ 2011ع کان 2013ع تائين 706 ماڻهو سياسي بنياد تي ڀرتي ڪيا ويا، سرڪاري ادارا سياسي ورڪرن جي اوطاق بڻيل هجي ته ادارن جو اِهو حال هوندو، پي ٽي ڊي سي جو گڏيل خسارو 65 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي چڪا آهن ۽ ساليانو خسارو 30 کان 35 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن پي ٽي ڊي سي موٽل جو ساليانو خسارو 25 کان 30 ڪروڙ رپيا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.