سکر: آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسيئيشن جو صدر مراد چاچڙ فائرنگ ۾ مارجي ويو

سکر (اختيار علي چنا) سکر ۾ اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسيئيشن جو صدر مارجي ويو.

تفصيل موجب آباد ٿاڻي جي حد ۾ آپڪا سنڌ جو اڳواڻ  مراد چاچڙ جنازي نماز ۾ شرڪت بعد گھر واپس اچي رھيو ھيو ته  نقاب پوش اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو.

زخمي ٿيل آپڪا صدر مراد چاچڙ اسپتال ويندي زخمن جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، جڏهن ته ھٿياربند فائرنگ ڪندا واقعي واري هنڌان آساني سان فرار ٿي ويا.

فائرنگ جي اطلاع بعد آباد ٿاڻي جي  پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون جڏهن ته جوابدار جلد ئي گرفتار ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.