لاهور: خانگي اسڪول ۾ شاگردياڻين کي جنسي هراسان ڪرڻ جو واقعو، استاد سميت 4 ڄڻا برطرف

لاهور(ويب ڊيسڪ) ناليواري خانگي انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ شاگردن سان جنسي هراساني جي واقعن تي استاد سميت چار ڄڻن کي ملازمت تان برطرف ڪيو ويو.

ميڊيا جي رپوٽن موجب جنسي هراساني جو الزام فارغ ٿيل شاگردياڻين جي استاد سميت چار ڄڻن تي الزام هنيو جنهن تي اسڪول انتظاميا چئني کي ملازمت مان ڪڍي ڇڏيو.

پوليس جو چون آهي ته چئني ڄڻن جي خلاف ڪا به درخواست ناهي ملي.

ٻئي پاسي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن اٿارٽي پنجاب اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.

هوڏانهن انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري به سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته لاهور جي 2 خانگي تدريسي ادارن ۾ ٻارڙين ۽ عورتن سان هراساني جي واقعن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

هن ٻڌايو ته وزارت جون ريجنل آفيسون هراساني جي واقعن تي الرٽ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.