اڳوڻي صدر آصف زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ 2 اڳوڻن وزير اعظم نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني جي خلاف توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني تي تحفن ۾ مليل گاڏيون حاصل ڪرڻ جو الزام آهي ۽ احتساب عدالت 15 مئي تي شروعاتي ٻڌڻي تي جوابدارن جا سمن جاري ڪيا هئا.

گذريل ٻڌڻي جيان اڄ به نواز شريف، آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني پيش ناهن ٿيا.

ٻڌڻي دوران آصف زرداري طرفان هن جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پيش ٿيو جنهن عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي صدر جي ڇوٽ واري درخواست داخل ڪري رکي آهي.

وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آئون سينيئر وڪيل آهيان ۽ عدالت ۾ بيان ڏئي رهيو آهيان ته آصف زرداري ايندڙ تي پيش ٿيندو.

ان تي عدالت چيو ته ڪرمنل ڪيس آهي آصف زرداري کي پيش ته ٿيڻو پوندو ان ڪري هن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.

فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته ڪورونا جا ڏينهن آهن، آصف زرداري جي عمر به وڏي آهي هن جي اچڻ سان ماڻهو گڏ ٿيندا وري رش ٿيندي، ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا آصف زرداري کي ڪورونا ته ناهي؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته هن طرفان آئون هتي موجود آهيان.

 جج اصغر علي ريمارڪس ڏنا ته آئون ڊگهي تاريخ ڏئي ٿو ڇڏيان جيئن پوءِ آصف علي زرداري عدالت ۾ پيش ٿئي.

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر نيب چيو ته ان ڪيس ۾ ٽي جوابدار آهن، عدالت نواز شريف جي نالي جا وارنٽ جاري ڪيا آهن هو برطانيا ۾ موجود آهي هن کي پرڏيهي کاتي جي ذريعي وارنٽ موڪليو.

ان تي معزز جج چيو ته پوءِ نواز شريف جي عدم پيشي تي اشتهار جاري ڪري رهيا آهيون ۽ آصف زرداري جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ٿا ڇڏيون.

جج اصغر علي ريمارڪس ڏنا ته نواز شريف ڄاڻي واڻي عدالتي ڪارروائي جو حصو ناهي رهيو، ان ڪري هن جي ضمانت ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو.

بعد ۾ احتساب عدالت نواز شريف جي ذريعي اشتهار طلبي جي حڪم جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته آصف زرداري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.