بلوچستان جي مخالف ڌر جو بجيٽ خلاف عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اعلان

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مخالف ڌر پارٽين مبينا طور تي تصوراتي، ناقابل عمل ۽ فنڊن جي غير منصفاڻي ورڇ تي ٻڌل بجيٽ کي رد ڪندي ان جي خلاف عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اِهو اعلان مخالف ڌر اڳواڻ ملڪ سڪندر، ملڪ نصير شاهواڻي، نصر الله زهري ۽ ٻين ميمبرن بجيٽ اجلاس جي پڄاڻي واري سيشن جي بائيڪاٽ کان پوءِ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.

مخالف ڌر اڳواڻن جو چوڻ هو ته صوبائي بجيٽ عوام دشمن آهي ۽ سڄي پي ايس ڊي پي ۾ عوام جي فلاح لاءِ هڪ به معاشي فلاحي منصوبو ناهي، بيروزگار ماڻهن جي لاءِ به ڪو منصوبو ناهي.

هن چيو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال اِها آهي جو مريض اسپتال ويندو آهي ان جو اُتان جنازو ئي نڪرندو آهي، عوام ته پري جي ڳالهه آهي اسيمبلي ميمبر ۽ انهن جا وارثن ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا ته حڪومت طرفان هڪ ڊسپرين جي گوري به انهن کي فراهم نه ڪئي وئي.

مخالف ڌر اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪوروناوائرس جي مد ۾ جيڪي به فنڊ آيا انهن جو حساب گهرڻ اسان جو حق آهي، بجيٽ جي باري ۾ 2 سالن کان روئي رهيا آهيون، حڪمران بجيٽ ۾ رڳو پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي نواز رهي آهي ان ڪري مجبور ٿي عدالت سان رابطو ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.