پ پ غريبن مسڪينن ۽ ھارين جي پارٽي آھي: سجاد حسين منگي

ٺڪراٺو ( ن ع آ ) ٺڪراٺي ۾ پ پ ھاري ڪاميٽي جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سجاد حسين منگي طرفان شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي 67 ھين سالگرھ تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ پ پ ھاري ڪاميٽي جي صوبائي صدر مير پنھل خان لوھر، سينيئر نائب صدر سيد گدا حُسين شاھ، عبدالمجيد چنو، ديدار علي جکراڻي، مجاھد منصور، لياقت علي خالدي، غلام حسين انڍڙ ،زبير احمد ڀيو، شھبانا خاڪي، لياقت علي خالدي، عاشق علي ڀنڀرو، پنجل انڍڙ، آفتاب حسين مھتم، عبدالواحد ملڪ، عاشق مھتم، پير بخش مھتم، قادر بخش مھتم ۽ ٻين شرڪت ڪري ڪيڪ ڪاٽيو سالگرھ تقريب کي صوبائي صدر مير پنھل خان لوھر خطاب ڪندي چيو ته پ پ غريبن مسڪينن ۽ ھارين جي پارٽي آھي ڀٽو خاندان عوام لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آھن اُھي ھميشه ياد رکيون وينديون ھن چيو ته ملڪ جو عوام ڄاڻي ٿو ته عمران سليڪٽيڊ وزير اعظم آھي جنھن کي فوري طور پنھنجي ڪُرسي ڇڏڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته کيس سياست جي ڪابه خبر ناھي. ماڪڙ تباھي مچائي ڇڏي آھي ماڪڙ سٽيل علائقن ۾ اسپري ڪرائي ھارين لاءِ پئڪيج فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.