لعلورائنڪ ۾ پيچوها برادري جو ايس ايڇ او خلاف ڌرڻو

لعلورائنڪ (ن ع آ) لعلورائنڪ ۾ پيچوها برادري جي ماڻهن طرفان نثار احمد پيچوهو جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او  جي ناجائزين  خلاف نٽهڻ اس ۾  وارهه_لاڙڪاڻو روڊ تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو سخت نعري بازي، ان موقعي تي مظاهرين دانيهندي چيو ته   ايس ايڇ او اسان وٽ آيل مهمانن مقصود احمد شيخ، عرفان علي مغيري، نويد علي مغيري ۽ توفيق احمد مغيري کي بنا جواز گرفتار ڪري سخت تشدد ڪيو، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ظلم جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او کي هٽائي انصاف فراهم ڪيو وڃي،  ٻي طرف  ايس ايڇ او سيد مسرور شاھ  ٻڌايو ته چيڪنگ دوران ٻن موٽرسائيڪلن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو پر هو نه بيٺا جنهن ڪري سندس جو پيڇو ڪري کين پڪڙي ورتو،  ۽ قانوني ڪارروائي ڪندي سندس مٿان  ايف آءِ  آر داخل ڪئي، جنهن بعد   شخصي ضمانت تي انهن کي آزاد به ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.