آءِ جي سنڌ سان رابطو، پوليس حملو ناڪام بڻايو: بلاول

ڪراچي ( رپورٽر  ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ پوليس پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشگردن جو حملو ناڪام بڻايو، سموري پاڪستاني قوم سنڌ پوليس جي شڪرگذار آهي. پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ بلاول ڀٽي زرداري چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي ڪيل بزداڻي حملي کي سنڌ پوليس بهادري سان بروقت ڪارروائي ڪري ناڪام بڻايو، هن چيو ته سنڌ پوليس نه صرف انساني زندگيون محفوظ ڪيو پر ڪاميابي سان پاڪستان جي معيشيت جي مرڪز جو به دفاع ڪيو.هوڏانهن بلاول آءِ جي سنڌ کي به ٽيليفون ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.