شڪي لائسنس رکندڙ پائليٽن جي لسٽ ۾ 2 ڀينرون به شامل

اسلام آباد (م ڊ) شڪي لائسنس رکندڙ پائلٽس جي حڪومتي لسٽ ۾ 2 عورت پائلٽس به شامل آهن. ذريعن موجب شڪي لائسنس رکندڙ پائلٽس جي لسٽ ۾ 115 نمبر تي 2 ڀينرون ارم مسعود ۽ مريم مسعود جا نالا به شامل آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻنهي ڀينرن ارم مسعود ۽ مريم مسعود جو فلائنگ لائسنس شڪي قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٻنهي ڀينرن هڪ ئي وقت بوئنگ 777 جهاز اڏائي رڪارڊ به قائم ڪيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پائلٽ مريم مسعود کي اڳ ئي گرائونڊ ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي. مريم مسعود گلگت ۾ جهاز جي لينڊنگ ۾ ڪوتاهي ڪئي هئي ۽ ڪوتاهي سبب جهاز رن وي تان لهي ويو هو پر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو هو. پي آءِ اي جي ترجمان طرفان ٻنهي عورت پائلٽس کي جهاز اڏائڻ کان روڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.