تازي حملي جا پيرا ڀارتي سليپر سيل سان ملن ٿا: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جا پيرا ڀارتي سليپر سيل سان ملن ٿا. هن چيو ته رينجرز ۽ پوليس کي جس هجي جن مختصر وقت ۾ آپريشن مڪمل ڪري ورتو ۽ وڏي نقصان کان بچائي ورتو.

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نه ڪاروبار پهرين بند ٿيو ۽ نه هاڻي ٿيندو: سليمان مهدي

ڪراچي (م ڊ)  چيئرمين پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج سيد سليمان مهدي چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نه ڪاروبار پهرين بند ٿيو ۽ نه هاڻي بند ٿيندو. دهشٽگردي جو پهرين ئي الرٽ جاري ڪيو ويو هو. چيئرمين پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج سيد سليمان مهدي سومر تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بلڊنگ جي حفاظت جي لاءِ سنائيپرز سميت ٻيا انتظام مڪمل هئا. وڌيڪ خطرا درپيش آهن، پر ڪاروبار هلندو رهندو. ان موقعي تي هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.