صحافي عزيز ميمڻ کي ڀاڙي جي قاتلن کان قتل ڪرايو ويو: پوليس چالان ۾ انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ضلعي نوشهروفيزو ۾ قتل ٿيل صحافي عزيز ميمڻ جي ڪيس ۾ اهم انڪشاف سامهون اچي ويا.

پوليس طرفان صحافي عزيز ميمڻ قتل ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته عزيز ميمڻ کي ڀاڙي جي قاتلن کان قتل ڪرايو ويو.

چالان موجب ڀاڙي جا قاتل گرفتار ڪيا ويا آهن پر اصل جوابدار اڃان فرار آهن، قاتلن عزيز ميمڻ کي واڙي ۾ وٺي وڃي قتل ڪيو ۽ پوءِ لاش روهڙي ڪينال ۾ ڦٽو ڪيو.

چالان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قاتلن قتل جي لاءِ مرڪزي جوابدار مشتاق سهتي جو واڙو استعمال ڪيو ۽ جوابدار مشتاق نذير سهتي سميت ٻين گرفتار جوابدارن کي قتل جي لاءِ استعمال ڪيو.

چالان موجب مقبول جي جسم مان حاصل ڪيل مواد نذير سهتي جي ڊي اين اي سان ميچ ٿيو هو، عزيز ميمڻ کي ظاهري طور عورت سان لاڳاپن جي شڪ ۾ قتل ڪيو ويو.

پوليس چالان ۾ اِهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته صحافي عزيز ميمڻ کي مختلف خبرن تي ڌميڪون به ملنديون رهيون آهن.

چالان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيس ۾ ٻئي مرڪزي جوابدار مشتاق سهتو ۽ افشاد سهتو فرار آهن جڏهن ته ڀاڙي جي قاتل نذير سهتي، فرحان، امير حسين، ظفر، ذوالفقار ۽ ارشاد گرفتار آهن.

چالان ۾ جاچ آفيسر مقبول جي ڪيمرامين کي بي گناهه قرار ڏئي آزادي جي لاءِ لکيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.