متحده عرب امارات سمورن ملازمن کي 5 جولاءِ کان ڪم تي گهرائي ورتو

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات (يو اي اي) 5 جولاءِ کان سمورن سرڪاري ملازمن کي آفيسن ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي متحده عرب امارات ۾ مارچ ۾ آفيسون بند ڪيون ويون هيون ۽ ملازمن کي گهران ڪم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون هيون پر هاڻ حالتن ۾ بهتري کان پوءِ حڪومت آفيسون کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.

متحده عرب امارات جي انساني وسيلن واري وفاقي اٿارٽي اعلان ڪيو آهي ته 5 جولاءِ کان سمورا سرڪاري ملازم آفيسن ۾ ڪم شروع ڪندا.

اٿارٽيز جو چوڻ آهي ته آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي شرح 100 سيڪڙو ڪئي ويندي پر مرضن جو شڪار رهندڙن ملازمن کي هاڻ به ڇوٽ حاصل آهي جنهن جي لاءِ هنن کي ميڊيڪل رپورٽ جمع ڪرائڻي پوندي.

اٿارٽيز موجب ملازم آفيس ۾ سماجي فاصلو ۽ گائيڊ لائنز تي مڪمل عملدرآمد يقيني بنائيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.