ميرپور ماٿيلو: ايس يو پي اڳواڻ سميت ٻين تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرو

ڏھرڪي ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ حاتن خان شر ۽ ٻين 2 سئو ماڻھن مٿان دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ايس يو پي گھوٽڪي طرفان مھراڻ  ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي امداد عباسي، اڪرم ميتلو، منير احمد سومرو، عاليشير ڪانڃون ۽ ٻين چيو ته ڏھرڪي پوليس پرامن احتجاج ڪندڙ سياسي ڪارڪنن مٿان لٺبازي ۽ فائرنگ ڪئي بعد ۾ دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ، ھنن چيو ته ايس ايڇ او ڏھرڪي حڪومتي ڌر جي ونگار وھندي ايس يو پي اڳواڻ کي حيسائڻ لاء ڪيس ۾ نامزد ڪيو آھي، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته حاتن شر ۽ ٻين ماڻھن تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري ڏھرڪي پوليس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.