قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 21-2020 جي بجيٽ اڪثريت راءِ منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 21-2020 جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت طرفان پيش ڪيل بجيٽ منظور ڪئي وئي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزير اعظم عمران خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به شرڪت ڪئي.

ان کان اڳ حڪومت فنانس بل جي شق نمبر جي منظوري ۾ مخالف ڌر کي شڪست ڏني هئي، شق 9 جي شمايت ۾ 160 ۽ ان جي مخالفت ۾ 119 ووٽ وڌا ويا.

جنهن کان پوءِ مخالف ڌر سق وار ووٽنگ ۾ هار جي ڪري حتمي منظوري جي لاءِ ووٽنگ تي زور نه ڏنو.

فنانس بل جي ترميم ۽ شق وار ووٽنگ کان اڳ وزير اعظم عمران خان اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، ووٽنگ دوران حڪومتي ميمبرن جي وڏي انگ ڊسڪون وڄايون ۽ وزير اعظم جي حق نعرا به هنيا.

قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل جي منظوري کان پوءِ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ته گذريل ڏينهن کان مخالف ڌر جي ڪيل بلند دعوائن، ڪجهه ميڊيا جي ٿرٿلو مچائيندڙ تجزين جو نتيجو اِهو نڪتو ته گذريل سال جي 29 ووٽ جي اڪثريت جي ڀيٽ ۾ هن سال حڪومت جي اڪثريت وڌي 41 ٿي وئي آهي.

اسد عمر پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورن ساٿين ۽ خاص طور تي تحريڪ انصاف جي ورڪرن کي به مبارڪ ڏني.

شاهه محمود قريشي:

ان کان اڳ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مخالف ڌر طرفان وزير اعظم کان مستعفيٰ ٿيڻ واري مطالبي تي چيو هو ته عمران خان کي عوام جو اعتماد حاصل آهي هو استعيفيٰ نه ڏيندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته آئون خواجا آصف کي خاطري ڪرايان ٿو ته ڪورونا وائرس جو شڪار ڪنهن ميمبر کي ايوان ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏني نه اسان ايترا غير ذميوار آهيون.

پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي ڪا به مايوسي ناهي هي هڪ سالياني فنانس بل آهي جيڪو هر سال پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ان غير معمولي حالتن ۾ جهڙي طرح ايوان هلايو ويو ۽ جن مانحن ان جي سربراهي ڪئي، مختلف پارٽين طرفان مختص ڪيل وقت کان کان اڳتي ويندي مخالف ڌر مان ڪنهن ميمبر کي ڳالهائڻو هجي ان کي موقعو ڏنو ويو.

هن چيو ته هي سڄي ڪارروائي سٺي نموني اڳتي وڌي آهي ۽ آئون ڪورونا جي شڪار ڪنهن ميمبر کي ايوان ۾ گهرائڻ جي ترديد ڪيان ٿو.

پرڏيهي وزير مخالف ڌر کي چيو ته چيو ويندو هو ته هنن جي صفن ۾ ٿرٿلو مچي ويو،حڪومتن جي پرواهه ناهي نظريي جو دفاع ڪنداسين، سوديبازي نه ڪنداسين.

هن چيو ته اڄ سڄي قوم ٻڌي ڇڏي ته عمران خان هڪ مقصد جي لاءِ آيو آهي، هن چيو ته آئون پنهنجي اتحادي پارٽين جو ٿورائتو آهيان سو جتن ڪيا ويا پر هو جبل جيان پنهنجي جاءِ تي قائم آهن ۽ رهندا.

شاهه محمود قريشي چيو ته سودو ڪرڻ ناهيون آيا، سوداگر ناهيون نظريي جو سودو نه ڪنداسين.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ ۽ اڄ هڪ پارلياماني ميمبر چيو ته وزير اعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، وزير اعظم استعيفيٰ ڇو ڏئي؟ عمران خان کي ايوان جو اعتماد حاصل آهي، پاڪستاني عوام هن کي مينڊيٽ ڏنو آهي هو استعيفيٰ نه ڏيندو.

هن چيو ته اِهو به چيو ويو ته نوٽيس وٺڻ بند ڪيو اِها ڪرپشن ڪيون، مني لانڊرنگ ڪيون ۽ اسان نوٽيس نه وٺون، عمران خان ته آيو ئي نوٽيس وٺڻ جي لاءِ آهي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته مخالف ڌر جڏهن به مثبت ڳالهه ڪئي آهي اسان هنن جا ٿورا مڃيا آهن پهريون ڀيرو ڏٺو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا ميمبر پاڪستان مسلم ليگ ن جي دوستن کي معافي گهرڻ جو چئي رهيا آهي آهن ۽ هو ڊيسڪ وڄائي رهيا آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته آئون سمجهان ٿو ته بجيٽ تي بحث ٿي چوڪ وڌيڪ بحث جي گنجائش ناهي فنانس بل پيش ٿي چڪو آهي ان تي ووٽنگ ڪرايو.

خواجا آصف:

ان کان اڳ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف چيو هو ته آئون حڪومتي ميمبرن کي خاطري ڪرائڻ چاهيندس اڄ (29 جون) ايوان ۾ ڪورونا جو شڪار ڪو به ميمبر موجود ناهي.

هن چيو ته اسان جي علم ۾ اِها ڳالهه آئي آهي ته حڪومتي ميمبر ڪورونا وائرس جي شڪار حڪومتي ميمبر کي اسيمبلي ۾ آندو آهي، هن کي مجبور ڪيو ويو آهي ته هو ووٽنگ جي وقت هتي موجود هجي.

خواجا آصف چيو ته منهنجي يا 342 ماڻهن جي تحفظ جي ڳالهه ناهي، اڄ سڄو پاڪستان بجيٽ اجلاس کي ڏسي رهيو آهي جيڪڏهن قوم کي پيغام ويو ته پنهنجو اقتدار بچائڻ جي لاءِ، جيڪڏهن پنهنجي بجيٽ کي پاس ڪرائڻ لاءِ ڪورونا جي شڪار ميمبرن کي ايوان ۾ آندو ويو ته اِها جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي توهين هوندي.

هن اسيمبلي جي اسپيڪر کي چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اڄ ۽ سڀاڻي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر ميمبر شريڪ نه ٿين.

خواجا آصف چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي وڌيڪ نقصان رسائڻ کان روڪڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته حڪومت پيٽرول جي قيمت 100 رپيا في ليٽر ڪري ڇڏي آهي، ان سان نه رڳو پيٽرول تي اثر پوندو پر هي هاڻ گيس ۽ بجلي تي به بم ڪيرائيندا.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ الزام هنيو ته حڪومت ٽيرفس ۾ تبديلي جي لاءِ ليڪوويڊيٽرز سان واعدا ڪيا آهن.

خواجا آصف چيو ته بجيٽ هڪ عبوري دستاويز آهي، اسان مزاحمت ڪنداسين ۽ ان جي مخالفت ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ دهشتگردن جي حملن جا اطلاع مليا آهن جنهن ۾ چار ئي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي جڏهن هڪ پوليس اهلڪار ۽ شهري شهيد ٿيا، آئون ان تي انتهائي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيان ٿو.

هن چيو ته 2013ع ۾ جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي بازار گرم هئي، پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ مختلف آپريشنز جو آغاز ڪيو وي جنهن ۾ سوات آپريشن ٿيو هو جنهن سان دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي.

خواجا آصف چيو ته گذريل 7 کان 8 سالن ۾ اسان جي رينجرز، پوليس ۽ فوج جي قربانين ۽ شهادتن، انهن حملن ۾ شهيد ٿيلن جي قربانين جي ڪري دهشتگردي ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي اچي چڪي آهي پر اڄوڪو واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ وزيرستان ۾ ڪيپٽن جي شهادت  ٿي هئي ته منهنجو خيال آهي ته اِها جنگ ختم ناهي ٿي ۽ دهشتگردن جي خلاف اِها جنگ جاري آهي.

خواجا آصف چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ تي هن ايوان ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي بينچن به احتجاج ڪيو.

هن چيو ته پهرين شين جي کوٽ پيدا ڪئي وئي ڇو ته حڪومت ۽ منافعي خورن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ هئي ۽ جڏهن اگهه وڌيا ته ملڪ ۾ پيٽرول ملڻ شروع ٿي ويو.

خواجا آصف چيو ته ملڪ ۾ هڪ ڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار هئا ۽ ملڪ جي 50 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪي کان هيٺ هلي وئي.

فواد چوڌري جو خواجا آصف جي خطاب تي اعتراض:

اجلاس دوران فواد چوڌري مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي غير موجودگي ۾ خواجا آصف جي مخالف ڌر اڳواڻ طور پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته هو اسيمبلي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

فواد چوڌري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ان حوالي سان رولنگ ڏيڻ جو چيو جنهن تي اسد قيصر چيو ته اِهو مخالف ڌر جو اندريون معاملو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري:

ان کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي پاڪستان کي نظر پيو اچي ته وزير اعظم وٽ رڳو 2 آپشنز آهن، وزير اعظم مڃي وٺي ته هو غلط آهي معافي گهري ته هن غلط فيصلا ڪيا، هن ملڪ کي ۽ سڀني کي تباهه ڪري ڇڏيو، هر پاڪستان جي صحت کي خطري ۾ وڌو ويو ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جوا علان ڪري يا وري وزير اعظم استعيفيٰ ڏئي ۽ گهر وڃي جيئن ڪنهن قابل انسان کي اِهو ڪم ڏئي سگهجي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته بجيٽ تقرير ۾ پيٽرول جي گهٽتائي جي ذريعي ريليف ڏيڻ جو چيو ويو آهي پر بجيٽ پاس ٿيڻ کان 2 ڏينهن پهرين ئي عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو ويو.

هن چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ مخالف ڌر ۾ هئي ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي حڪومت کي پيٽروليم ليوي بابت وڏا وڏا ليڪچر ڏيندي هئي پر هڪ عالمي وبا دوران عوام کي ريليف پهچائڻو ته پيٽروليم ليوي جو بم ڪيرايو ويو، جنهن سان هر پاڪستاني جي کيسي تي ڌاڙو هنيو ويو.

بلاول ڀٽو چيو ته اِهو غير قانوني آهي ڇو ته جيڪو ڪم آئل اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي ڪرڻو اُهو وزارت ڪيو، ان کان رڳو پيٽرول وڪرو ڪندڙن ڪمپنين کي فائدو مليو آهي.

هن چيو ته  اِهو پاڻ کي تحريڪ انصاف ڪيئن ٿا چون جڏهن عوام تي ايترو ظلم ٿا ڪن، هي پنهنجي عوام کي شڪل ڪيئن ڏيکاريندا ۽ پنهنجي تڪن ۾ ڪيئن ويندا.

بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن وزير اعظم دوائن تي نوٽيس ورتو ته انهن جي قيمت ۾ 500 سيڪڙو واڌ ٿي وئي، ڪورونا جي شروع ۾ ماسڪس تي نوٽيس ورتو ته ماسڪ جو ڊٻو 150 رپين جو ملندو هو هاڻ 1500 رپين ۾ ملي ٿو.

هن چيو ته وزير اعظم اٽي ۽ کنڊ تي نوٽيس ورتو ته اُهي شيون مهانگيون ٿي ويون ته بهتر آهي وزير اعظم پنهنجي پاڻ کي آئسوليشن ۾ رکي ۽ ڪنهن به شئي تي نوٽيس نه وٺي ڪا تقرير نه ڪري.

هن چيو ته ڪراچي ۾ جهاز حادثي جي جاچ تي تنقيد ڪندي چيو ته پائليٽس جي ڪوڙي ڊگري جو الزام هڻي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن(پي آءِ اي) ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) کي خانگائڻ پيا چاهن.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته انهن پائليٽس کي جهاز ۾ هئڻ ئي نه گهربو هو ڪورونا دوران اڏامن جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ها ۽ پوءِ چون ٿا ته هو ڪورونا وائرس تي ڳالهائي رهيا هئا.

بلاول ڀٽو پي ايس ايڪس تي حملي جي مذمت ڪئي، هن چيو ته ڪراچي ۾ بيروزگار جي ڪري امن ۽ امان جا مسئلا وڌندا، هن وقت ڪراچي جي عذاب ۾ آهي ڪي اليڪٽرڪ ماڻهن جو رت چوسي ڇڏيو آهي هو بلن ۾ واڌ ۽ لوڊشيڊنگ به ڪري رهيا آهن.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته انهن سڀني ۽ مسلم ليگ ن کي به معاف ڪرڻ گهرجي، وزير اعظم، محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد نٿو چئي سگهي پر اسامه بن لادن کي شهيد ٿا چون.

حماد اظهر:

ان کان پوءِ صنعت ۽ واپار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ اسان فنانس بل بابت ترميمون پيش ڪرڻ ۽ انهن کي منظور ڪرڻ لاءِ موجود آهيون.

حماد اظهر چيو ته سخت حالتون آهن، ميمبرن ماسڪ پاتا آهن ۽ شيلڊز به هنيا آهن، اڄ آئون اميد ڪري رهيو هوس ته ايوان ۾ گڏيل ڳالهيون ٿينديون پر هر هر مخالف ڌر طرفان ذاتي حملا ڪيا ويا.

هن چيو ته اسان جي مخالف ڌر جو اِهو حال آهي جو ملڪ وبا جو شڪار آهي ۽ اِها ايوان جي ان قيمتي وقت ۾ جتي پوري ملڪ جي قيادت موجود آهي اُتي ذاتي حملا ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ تيل جي قيمتن تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي ته اسان دنيا جو اُهو ملڪ هئااسين جتي قيمتن ۾ سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي هئي.

حماد اظهر چيو ته اڄ جڏهن تيل جي قيمت پنهنجي هيٺين پوائٽ کان ٻيڻ کان وڌيڪ ٿي وئي آهي ته قيمت ٻيهر وڌي آهي جنهن کي عالمي مارڪيٽ تحت ڪيو ويو.

هن چيو ته هن ملڪ ۾ جيستائين زراعت جو بنياد ٺيڪ نه ٿيندو هي ملڪ اڳتي ترقي نه ڪري سگهندو.

وفاقي وزير چيو ته فنانس بل ۾ پيش ڪيل ترميمن ۾ ٻن ۽ ٽن ٽائرن واري گاڏين ۽ ٽرڪن بابت ترميمون موجود آهن جيڪي تاريخي آهن.

حماد اظهر چيو ته جيڪڏهن اسان ملڪ کي وبا مان ڪڍڻ چاهيون ٿا ته ان کي ٽيڪس فري بجيٽ تي متفق ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪڏهن ٽيڪس فري بجيٽ آئي هجي جو هڪ ڪروڙ 60 لک گهراڻن کي فائدو رسائڻ جا ذريعا موجود آهن، 30 لک واپارين جا 3 مهينن جا بجلي بل ادا ڪيا پيا وڃن.

مولانا اسد محمود ۽ علي امين گنڊاپور ۾ تڪرار:

اجلاس دوران متحده مجلس عمل (ايم ايم اي) جي مولانا اسد محمود ۽ پي ٽي آءِ جي علي امين گنڊاپور جي وچ ۾ ڏند چڪ ٿي.

بجيٽ رد ڪندي مولانا اسد محمود حڪومت جي ڪارڪردگي سميت ڪشميرين جي مسئلن بابت حڪومت تي به تنقيد ڪئي.

بعد ۾ وفاقي بجيٽ منظور ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اجلاس سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.