فرانس جو قديم ترين نيوڪليئر پاور پلانٽ بند

 

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس جو قديم ترين نيوڪليئر پاور پلانٽ بند ڪيو پيو وڃي.

اڱارو 30 جون کان فرانس جو قديم ترين نيوڪليئر پاور پلانٽ بند ڪرڻ جي خبر تي ماحول لاءِ سرگرم ڪارڪنن خوشي جو اظهار ڪيو آهي پر اوڀر فرانس ۾ جرمني ۽ سوئٽزرلينڊ جي سرحد ڀرسان قائم ان نيوڪليئر پاور پلانٽ مان تابڪاري مواد هٽائڻ ۾ وڌيڪ 3 سال لڳي سگهن ٿا.

جوهري توانائيءَ جو اهو مرڪز فرانسيسي شهر فيسن هائم ۾ 1977 ۾ اڏيو ويو هو.

جرمني سميت يورپ جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ جوهري پاور پلانٽن تي دارومدار ختم ڪيو پيو وڃي ۽ جوهري توانائيءَ جا مرڪز بند ڪيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.