لياري: مختلف تنظيمن جو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
لياري: مختلف تنظيمن جو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ لياري: مختلف تنظيمن جو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

لياري عوامي محاذ پاران  علائقي ۾ لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاجي مظاهري ۾ سياسي سماجي پارٽين ايس ٽي پي، عوامي جمهوري انٽيليڪچوئل فورم، عوامي ورڪرز پارٽي لياري ۽ عوامي محاذ پاران ريلي ڪڍي وئي جيڪا  فٽبال هائوس کان   ٿيندي ٿيندي مين ليمارڪيٽ پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي لياري عوامي محاذ جي اڳواڻ عبدالخالق،   ايس ٽي پي اڳواڻن شاھد ميمڻ ، سھيل ابڙو  ۽ ٻين چيو ته ته لياري واري علائقي ۾ ڪي اليڪٽرڪ 16 ڪلاڪن کان وڌيڪ بدترين لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ  حرام ڪري ڇڏيو آهي مزدوري ڪري واپس ايندڙ پورهيتن جون  رات جو 8 ڪلاڪ بجلي بند هجڻ سبب جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن.

هنن چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کانپوءِ لياري جي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا پ پ پ، توڙي پي ٽي آئي لياري جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

سندن چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ باوجود ناڪاره ڊجيٽل ميٽرن جي ڪري في گھر جو بل 20, کان 25 ھزار بل اچي ٿو جيڪو بل ڀرڻ عوام جي وس کان ٻاهر آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري لياري جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.