صحت جي عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس سبب حج تي پابندي جي فيصلي جي آجيان

جنيوا (ويب ڊيسڪ) عالمي صحت واري اداري سعودي حڪومت طرفان ڪورونا وائرس سبب حج تي پابندي واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.

سعودي حڪومت عالمي وبا ڪورونا سبب هلندڙ سال حج کي محدود ڪيو آهي، جنهن تحت پرڏيهي ماڻهن کي حج تي اچڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته هن وقت صرف هڪ هزار حاجي حج ادا ڪندا.

گذريل سال دنيا مان اٽڪل 25 لک مسلمانن حج جي سعادت حاصل ڪئي هئي.

سعودي سرڪار جي فيصلي تي رد عمل ۾ عالمي صحت واري اداري جي سربراهه ڊاڪٽر ٽيڊورس ادهانوم چيو آهي ته ڪجهه ملڪن پنهنجي علائقن ۽ معاشي سرگرمين کي ٻيهر کولڻ شروع ڪيو آهي.

هن چيو ته هاڻ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ماڻهن جي وڏن ميڙاڪن تي ڪيئن ضابطو آندو ويندو ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي اجتماع حج لاءِ اها ڳالهه دسرت آهي.

هن چيو ته سعودي سرڪار جو فيصلو وبائي مرض کي گهٽائڻ ۽ مهاجرن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ عالمي صحت جي تنظيم جي اصولن موجب، اهڙو فيصلو حالتن ۽ خطري جي اندازي تي ٻڌل آهي.

ڊاڪٽر ٽيڊروس چيو ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن سعودي حڪومت جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪئي آهي، تنهن ڪري سمورا ملڪ عوام جي حياتين کي نظر ۾ رکي ڏکيا فيصلا ڪن.

صحت واري عالمي اداري ج سربراهه چيو ته هو سمجهن ٿا ته اهو آسان فيصلو نه هو، ان ڪيترن ئي مسلمان کي مايوس ڪيو آهي جيڪي هن سال حج لاءِ تيار هئا، تنهن ڪري ٻيا ملڪ به صحت ترجيح ڏين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.