هواوي پنهنجي نئين سمارٽ فون انجواءِ 20 پرو متعارف ڪرائي ڇڏي

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) هواوي پنهنجي نئين سمارٽ فون انجواءِ 20 پرو متعارف ڪرائي ڇڏي.

چين ۾ پيش ڪيل ان فون ۾ به گوگل سروسز موجود ناهي، جڏهن ته اوپن سروس اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم جو ميلاپ اي يو ايم آءِ 10.1 سان ڪيو ويو آهي.

گوگل جي جاءِ تي هواوي موبائل سروسز کي فون ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن کي چيني ڪمپني گوگل سروسز جي متبادل طور ڪجهه عرصو اڳ متعارف ڪرايو هو.

ان فون ۾ 6.5 انچ فل ايڇ ڊي پلس ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي، جڏهن ته واٽر ڊراپ نوچ ۾ 16 ميگا پڪسل ڪئميرا موجود آهي.

انجواءِ 20 پرو ۾ 6 کان 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي، جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان 256 جي بي تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي.

اها فون ميڊيا ٽيڪ ڊيمينسٽي 800 پراسيسر سان ليس آهي، جيڪو 4 جي سپورٽ سان گڏ آهي، جڏهن ته 4000 ايم اي ايڇ بيٽري 22.5 فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون ۾ فنگر پرنٽ ريڊر پاسي ۾ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڊوئل موڊ 5 جي سپورٽ ڏني وئي آهي.

انجواءِ 20 پرو جي بيڪ تي 3 ڪئميرائن جو سيٽ اپ موجود آهي، جنهن ۾ مين ڪئميرا 48 ميگا پڪسل جي آهي، جڏهن ته 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪئميرا به ڏني وئي آهي.

فون جو 6 جي بي ريم وارو ورزن 1999 چيني ين (47 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ)، جڏهن ته 8 جي بي ريم وارو ماڊل 2299 ين (54 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.