لاڪ ڊائون ۽ وڌندڙ بدامني

مقبول ملاح

ڪورونا وائرس جي شروعات وارن ڏينهن ۾ دنيا لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج  ماڻهن کي هن وبا کان بچائڻ هيو، چائنا جي ووهان شهر کان جيئن ئي هي وائرس شروع ٿيو ته دنيا ۾ عالمي سطح تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، ايمرجنسي بنيادن تي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن لاءِ نيون اسپتالون جوڙيون ويون، وائرس کان بچاءَ لاءِ ويڪسين جي تياري جون ڪوششون وڌي ويون، ايس او پيز طئه ڪيا ويا، عالمي ادارن طرفان ڪورونا کان بچاءَ جي حوالي سان پمفليٽ ڇپرائي آگاهي مهم جي شروعات ڪئي وئي، هوائي اڏامون بند ڪيون ويون، لاڪ ڊائون ڪري ماڻهن جو هڪ ٻئي سان رابطو ڪٽجي ويو پر سخت احتياط باوجود ڏسندي ڏسندي هي وبا دنيا ۾ تيزي سان ڦهلجندي وئي ۽ هن وقت تائين دنيا ۾ 80 لکن کان وڌيڪ ماڻهو هن وبا ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 4 لک 36 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ هڪ لک کان وڌي ويو آهي، جيتوڻيڪ ڪوروانا وائرس مڪمل ختم نه ٿي سگهيو آهي، پر وقت سان گڏ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪري ڇڏي آهي، جتي شهري ضرورت تحت گهران نڪرن ٿا، ۽ ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪندي پنهنجو ڪاروبار يا روزگار ڪن ٿا، پر پاڪستان ۾ جيئن ئي لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي ته ماڻهن اهو سمجهو شايد وبا ئي ختم ٿي وئي آهي،  عيد وارن ڏينهن ۾ ٿيندڙ شاپنگ ته رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا، اڄ به ماڻهو گهران نڪرن ٿا بغير ڪنهن ايس او پيز تي عمل ڪندي، بلڪه ائين چئجي لاڪ ڊائون وارن ڏينهن ۾ به حڪومت زوري ماڻهن کي گهرن تائين محدود رکيو. لاڪ ڊائون جي پهرين ڏينهن ۾ ته دڪاندارن پنهنجن دڪانن جي ٻاهران پري پري گول دائرا ٺاهي گراهڪن کي سامان ڏيڻ لڳا، بينڪن ۾ ته هڪ هڪ ماڻهو کي بينڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هئي، پر هن وقت جڏهن لوڪل ٽرانسميشن ۾ اضافو ٿيو آهي، هر روز جي بنياد تي وائرس ۾ مبتلا ماڻهو مرن ٿا، ڪيس هڪ لک ڪراس ڪري چڪا آهن، پر ماڻهن وري ان جي ابتڙ احتياط ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ٽرانسپورٽ کلي وئي آهي، بازارون ته ڇا پر آفيسن ۾ به ماڻهو ائين داخل ٿين ٿا ڄڻ ته ڪا هن وبا جي پاڙ ئي  پٽجي چڪي آهي.

سنڌ حڪومت جڏهن هن وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڪ ڊائون ڪيو هو ته اهو ڪنهن جي وهم ۾ به نه هيو ته لاڪ ڊائون جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا، جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت احساس پروگرام تحت لکين ماڻهن کي امداد ڏني، سنڌ حڪومت طرفان سڌو توڙي چونڊيل نمائندن جي مدد سان لکين ماڻهن تائين راشن جا ڪٽا پهچايا ويا، ان کان علاوه سماجي تنظيمن توڙي انساني درد رکندڙ هزارن جي تعداد ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ماڻهن پورهيتن کي راشن جي صورت ۾ امداد ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو پر اهو ناڪافي هيو، هن وبا دنيا جي معشيت کي تباهي جي ڪناري تائين پهچائي ڇڏيو آهي،  ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ مڪمل طور تي بند آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ خوراڪ جي ڪمي ٿيندي پئي وڃي، دنيا جا ڪيترن ملڪن جو ڪاروبار آهي ئي ٽوئرازم تي، پر هوائي اڏامون بند هجڻ ڪري اهڙا ملڪ ويران لڳا پيا آهن ۽ سندس معشيت تباهه ٿي وئي آهي، نه صرف اهڙا ملڪ پر واپار نه ٿيڻ ڪري ترقي پزير ملڪ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، غربت ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ۽ بدامني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ پنهنجن ٻچن کي بکن تي ڏسڻ بدران ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن.

هن وقت حڪومت ٽن وڏن چيلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، هڪ طرف ڪرونا وائرس جي وبا ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، ايوانن ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا هجن يا ڪورونا وائرس خلاف هلندڙ جنگ جي ميدان ۾ پهرين صف ۾ بيٺل ڊاڪٽر، هن وبا جي ور چڙهي پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن، پر هڪ وڏي اڪثريت اها مڃڻ لاءِ به تيار ناهي ته ڪو ڪورونا وائرس پاڪستان ۾ آهي، جنهن ڪري ڪورونا وائرس جي لوڪل ٽرانسميشن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، مٿان وري مسلسل لاڪ ڊائون ڪري ماڻهو بک  ۽ بدحالي  جي ور چڙهي ويا آهن، جيتوڻيڪ حڪومت لاڪ ڊائون ۾ ڪنهن حد تائين نرمي ضرور ڪئي آهي، پر ڪيترائي شعبا اڃان موجود آهن جتي مڪمل لاڪ ڊائون آهي، جنهن ڪري لکن جي تعداد ۾ پورهيت بيروگار ويٺل آهن ۽ ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، مٿان وري بدامني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هر روز ڦر ۽ قتل جا واقعا وڌي ويا آهن. حڪومت جو هاڻي فرض آهي ته نه صرف ماڻهن کي هن وبا کان بچائين پر ايس او پيز تي عمل ڪرائيندي روزگار فراهم ڪن، ته جيئن ملڪ ۾ وڌندڙ بک، بدحالي ۽ بدامني کي ٻنجو ڏئي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.