عالمي مارڪيٽ سميت پاڪستان ۾ سون جو اُگهه لهي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 15 ڊالر ۽ پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 300 رپين جي گهٽتائي ٿي وئي.

تفصيل موجب عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت ۾ 15 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي، ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ سون 1715 ڊالر في اونس تائين پهچي ويو، ٻئي پاسي اڄ پاڪستان ۾ به في تولو ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ ترتيب وار 300 رپي کان  257 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.

اگهن گهٽجڻ کان پوءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، فيصل آباد، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سون جي مارڪيٽن ۾ في تولو سون جي گهٽ ڪري 98 هزار 600 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ گهٽتائي کان پوءِ 84 هزار 534 رپيا ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.