گوگل ڊو ويڊيو ڪالنگ ۾ واهپيدارن جو انگ 32 تائين وڌائي ڇڏيو

 

عالمي وبا ڪورونا وائرس دوران ويڊيو ڪالنگ ايپس جي استعمال ۾ وڏي پئماني تي واڌ ڏٺي وئي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته واٽس ايپ ۽ فيس بُڪ به ايپ ۾ ويڊيو ڪالنگ جي فيچر ۾ واهپيدارن جو انگ وڌائي ڇڏيو هو.

ڪيتريون ئي ويڊيو ڪالز ايپس واهپيدارن جو تجربو بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن ۽ گوگل به واهپيدارن کي خاطري ڪرائي هئي ته اهي جلد گوگل ڊو جي ويڊيو ڪالنگ ۾ واهپيدارن جي انگ کي وڌائيندا.

هاڻ ڪمپني طرفان گوگل ڊو هڪ ئي وقت ويڊيو ڪالنگ ڪندڙ واهپيدارن جو انگ وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ 32 واهپيدار گڏ گوگل ڊو ذريعي ويڊيو ڪالنگ ڪري سگهن ٿا.

ان کان اڳ مارچ ۾ گوگل ڊو ۾ ويڊيو ڪالنگ ۾ واهپيدارن جو انگ 8 مان وڌائي 12 ڪيو ويو هو.

گوگل ڊو طرفان واهپيدارن جي انگ ۾ واڌ جو اهو فيچر اڃا رڳو ويب ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ اهو فيچر متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان في الحال ڪو اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.