پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ جارج فلوئڊ کي ”قتل“ ڪرڻ جي تصديق

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ سرڪاري طور تي ڪرايل پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ جارج فلوئڊ جي مارجڻ کي هومي سائيڊ يا قتل قرار ڏنو ويو آهي.

منيسوٽا رياست جي شهر مينياپولس جي هينيپن ڪائونٽي ميڊيڪل آفيسر هڪ بيان ۾ چيو ته 66 ورهين جي فلوئڊ جو موت پوليس طرفان زندگي ڳلو دٻائڻ جي نتيجي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ٿيو.

ان کان اڳ چيو ويو هو ته فلوئڊ جي موت ۾ ٻين طبي سببن به ڪردار ادا ڪيو هو پر سومر ڏينهن جاري ڪيل حتمي رپورٽ ۾ موت جو سبب واضح طور تي ”قتل“ قرار ڏنو ويو.

فلوئڊ جي وارثن نجي طور تي به معاملي جي جاچ ڪرائي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ به موت کي قتل قرار ڏنو ويو هو.

واضح رهي ته ڪاري نسل جو آفريقا ڄائو آمريڪي شهري جارج فلوئڊ پوليس حراست ۾ مارجڻ خلاف آمريڪا ۾ پرتشدد مظاهرن جو سلسلو جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.