پاڻي کوٽ جي خبرن بعد ڊائريڪٽر نارا ڪئنال رڻ شاخ پهتو، آبادگارن جو احتجاج

ڪلوئي (ن ع آ) ڪلوئي رڻ شاخ ۽ ڍورو مائينر ۾ پاڻي کوٽ جون خبرون لڳڻ کان پوءِ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال انجنيئر مٺڙئون رڻ شاخ ۽ ڍورو مائينر جي پڇڙي تي پھتا ٻنھي ٽيلن جي آبادگارن پاران کين خدشن کان آگاهه ڪيو خبر موجب سب ڊويزن نئون ڪوٽ مان نڪرندڙ رڻ شاخ ۽ ڍورو مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن محمد رمضان لنڊ ڪامريڊ يوسف لنڊ محمد رفيق لنڊ ۽ ٻين ٻه ڏينهن سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جي واري موجب اسان جي حصي جو جيڪو پاڻي کلي ٿو روٽيشن ۾ اھو وچ ۾ وڪرو ٿيو وڃي ٿو جنھن ڪري ٽيل ۾ پاڻي ڦڙو نه ٿو پھچي جنھن ڪري سوين ايڪڙن بيٺل زرعي فصل سڪي ٺوٺ ٿي تباه ٿي ويو آهي انھن چيو ته آبپاشي عملدارن پاران رڻ شاخ جي ٽيل تي ھڪ کڙتالي ايڪشن ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جنھن کي اسان رد ڪريو ٿا ھوڏانھن رحمان آباد وٽان رڻ شاخ مان نڪرندڙ ڍورو مائينر جي آبادگارن ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻ محمد موسہ احمداڻي ارباب الطاف حيدر لنڊ سائين واحد ڏنو ميڊيا جي ٽيم ساڻ ڪري ڍورو مائينر جو معائنو ڪري ڍورو مائينر جي ٽيل تي سخت احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته اسان جي حصي جو پاڻي ھضم ڪرڻ لاء آبپاشي عملدارن ڍورو مائينر جي منڍ ۾ ٻه فوٽ جو دڪو ھڻي ماڊول کي ٽيڙو ڪيو ويو آهي جنهن ڪري ڍورو مائينر ۾ پاڻي جو رفتار ڍڳو پير پيران آهي جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل مرچ فٽي مڪائي جنتر سڪي تباھ ٿي ويو آهي انھن چيو اسان ايجئير مٺڙائو ڊاريڪٽر نارا کان مطالبو ڪيو ٿا ته ڍورو مائينر کي لڳل غيرقانوني دڪو ۽ ماڊول درست ڪيو وڃي جڏهن ته انجنيئر مٺڙئون پاران ڍورو مائينر کي لڳل دڪو تي جانچ ٽيم اڄ ايس ڊي او اظھردين ڀٽو سرويئر انور لغاري دؤرو ڪيو ھوڏانھن اڄ جيڪو رڻ شاخ جي ٽيل تي بالا آفيسرن پھچي ٽيل جي آبادگارن سان ملاقات ڪئي سندن ڳالھيون ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.