ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: پرڏيهي وزير

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت ڪو به احمقاڻو قدم نه کڻي، اسان تيار آهيون، منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڀارت جي جاسوسي جي هڪ ٻي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڀارتي ڊرون سرحدي حدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو هو، جنهن کي ڪيرايو ويو.

هن چيو ته ڀارت مسلسل اڳرائيون ڪري رهيو آهي، لداخ ۾ ڀارت خراب طريقي سان ناڪام ٿيو، ڪشمير ۾ به ڀارت جي پاليسي ناڪام ٿي وئي، مودي سرڪار فالس فليگ آپريشن جا بهانا ڳولي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت اهو سڀ ڪجهه اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪري رهيو آهي، ڀارت ميڊيا به پنهنجي حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪري رهي آهي، ڀارت ڪو به احمقاڻو قدم نه کڻي، اسان تيار آهيون ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.