گمبٽ ۾ ڀاءُ ۽ ڀائٽين هٿان ساڙي قتل ڪيل محمد علي لاشاري ڪيس جي سڀاڻي ٻڌڻي

 

ڪراچي (رپورٽ: رزاق عاصي) گمبٽ جي ڳوٺ ريڍار لاشاري ۾ 16 ويسا زمين جي تڪرار تان 15 اپريل 2020ع تي ڀاءُ ۽ ڀائٽين هٿان ڪهاڙين جا وار ڪري زخمي ڪرڻ بعد پيٽرول هاري ساڙي ماريل محمد علي لاشاري جي قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدارن احمد حسين لاشاري سندس پٽ مرتضيٰ، غلام نبي، ماجد حسين، ديدار حسين ۽ حبدار علي اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا، جڏهن ته اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي.

ان ڏس ۾ مقتول جي ڌيءَ پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ لاءِ ڪميشن پاس ڪندڙ شهناز لاشاري عوامي آواز سان ڳالهائندي چيو ته منهنجي بابا کي 15 اپريل 2020ع  تي منھنجي چاچي احمد حسين لاشاري ۽ ان جي پٽ مرتضيٰ لاشاري ۽ ست ماڻھن گڏجي ڪھاڙين جا وار ڪري پيٽرول ھاري باھه ڏني، جيڪو فوت ٿي ويو، اڃا پوليس رڳو 3 جوابدار گرفتار ڪيا آھن، مک جوابدار اڃا تائين فرار آھن.

سندس چوڻ هو ته اسان کي جوابدارن جي ڌمڪين جي خوف کان ڳوٺ ڇڏڻو پيو آهي، انهن اسان جي زرعي زمين ۽ گهر تي قبضو ڪري ورتو آهي، ڪراچي ۾ پناهه وٺي رهون ٿا، کهڙا پوليس جوابدارن کان وڏي رشوت وٺي انهن جي ونگار پئي وهي، منھنجو چاچو احمد حسين، ان جو پٽ مرتضيٰ، غلام نبي، ماجد حسين، ديدار حسين، حبدار علي اڃا تائين گرفتار ناھن ٿيا، پيءَ جي قاتلن جي گرفتاري تائين جدوجهد جاري رکنديس، قاتلن ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ اعليٰ اختياريون منهنجي مدد ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.