نوابشاهه: شهيد صحافي عزير ميمڻ جا قاتل گرفتار ڪيا جن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي: پوليس

عوامي آواز رپورٽ
نوابشاهه: شهيد صحافي عزير ميمڻ جا قاتل گرفتار ڪيا جن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي: پوليس
عوامي آواز رپورٽ نوابشاهه: شهيد صحافي عزير ميمڻ جا قاتل گرفتار ڪيا جن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي: پوليس

شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس بابت جوڙيل جي آئي ٽي جي سربراهه غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته شهيد صحافي عزير ميمڻ جا قاتل گرفتار ڪيا آهن جن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي

محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جي آئي ٽي جي سربراهه ايڊيشنل آئي جي غلام نبي ميمڻ ڊي آئي جي آفيس نوابشاهه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻن مهينن جي سخت محنت کانپوءِ شهيد عزيز ميمڻ جي بلائينڊ ڪيس کي وڏي مهارت ۽ محنت سان ظاهر ڪيو  آهي

هن چيو ته شھيد صحافي  جا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايا جنهن مان ٻن جوابدارن نظير سهتو ۽ مشتاق سهتو جا ڊي اين اي صحافي جي ننهن سا ميچ ٿيا جنهن بعد ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير حسين تنيو ۽ سندس ٽيم وڏي محنت ڪري جوابدار نظير سهتو، امير سهتو ۽ فرحان سهتو کي گرفتار ڪيو جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو آهي جتي جوابدار نظير سهتو ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ..

غلام نبي ميمڻ وڌيڪ چيو ته جاچ مان اهو معلوم ٿيو آهي ته شهيد عزيز ميمڻ کي دشمني تحت قتل ڪيو ويو آهي پر اڃان اصل حقيقتون تڏهن سامهون اينديون جڏهن اصل جوابدار مشتاق سهتو گرفتار ٿيندو ته هُن عزيز ميمڻ کي ڪهڙي دشمني تحت قتل ڪيو ….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.