يورپ ۾ ننڍي عمر جي نوجوانن جي ذهني صحت ڪمزور ٿيڻ جو انڪشاف

 

هڪ نئين تحقيقي رپورٽ موجب يورپي ٽين ايجرز جي ذهني صحت ڪمزور ٿيڻ ۾ غير معمولي واڌ ٿي آهي ۽ اها واڌ 2014 کانپوءِ شروع ٿي.

صحت جي عالمي اداري جي يورپ ۾ موجود هڪ ذيلي شاخ جي جوڙيل رپورٽ ۾ 45 ملڪن جا انگ اکر گڏ ڪيا ويا، جنهن ۾ ننڍي عمر جي نوجوانن جي صحت ۽ عام روين جو ويجهڙائي سان جائزو ورتو ويو.

”هاءِ اسڪول جي ٻارن جي صحت ۽ رويا“ جي نالي سان ان تحقيقي رپورٽ کي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي يورپي آفيس جي ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر هانس ڪلوز هڪ خاص تقريب ۾ عام ڪيو.

رپورٽ موجب يورپ ۾ هر چئن مان هڪ ٽين ايجر نروس ۽ ذهني انتشار ٿئي ٿو، جڏهن ته ڇوڪرن جي ذهني صحت ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ بهتر ظاهر ٿي، ٻنهي جي شرح ترتيب وار 41 ۽ 33 سيڪڙو آهي.

ان مناسبت سان ٽيون حصو يورپي ملڪن ۾ گهٽ آمدني وارن خاندانن جا ٽين ايجر صحت جي ڪيترن ئي قسمن جي مسئلن ۽ ذهني دٻاءَ کي منهن ڏيندا آهن.

ڊبليو ايڇ او جي ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر هانس ڪلوز رپورٽ ۾ سفارش ڪئي آهي ته ننڍي عمر جي نوجوانن جي ذهني حالت کي بهتر بڻائڻ معاشرتي ذميواري آهي ۽ صورتحال کي ڏسندي سندن ضرورتن کي پورو ڪرڻ به لازمي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.