ڇا اديب ٿيڻ اَڪَ تان ماکي لاهڻ برابر آهي؟

يوسف جميل لغاري

ادب سان جڏهن کان شَناسائِي ٿي آهي. تڏهن کان کوڙ ساريون شيون سکڻ لاءِ مليون آهن. پهريان اِهو خيال هوندو هيو ته لکڻ بنھ ڪو صفا سولو ڪم آهي پر اڳتي هلي ڪري معلوم ٿيو ته لکڻ سولو نه پر انتهائي ڪٺن ڪم آهي. جيڪي ليکڪ مسلسل لکن ٿا تن پنهنجو نور نچوئيو آهي تڏهن ئي اُنهن ۾ اِها مستقل مزاجي آئي آهي. هن وقت جڏهن هر ماڻهو وٽ هٿ ۾ رکڻ لاءِ موبائل ۽ لکڻ لاءِ سنڌي ڪنجي تختو آهي تڏهن کان اسان وٽ هر ٽيون ماڻهو پاڻ کي صحافي ۽ ليکڪ سمجهي ٿو. ٻه چار لفظ لکڻ سکي ڪري اصلي همراھ ڪپڙن ۾ ڪونه ٿا ماپجن ۽ پاڻ کي داناءُ، مفڪر ۽ دانشور سمجهي ڪري ٻين جي پٽڪن ۾ هٿ وجهي پٽڪو ڌوڙ ڪرڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن.

انهي المياتي صورتحال سان پاڻ جهڙوڪ منهن ڏئي رهيا آهيون پر تڏهن به مسئلو اتي ختم ڪونه ٿو ٿئي. ادب جي دنيا هڪ وسيع دنيا آهي. جنهن ۾ دنيا جهان جي مڙني علمن جو نچوڙ موجود آهي. ادب جا پنهنجا هڪڙا مخصوص اصول ۽ ضابطه آهن. جن جي پاسداري ڪندي ماڻهو اديب ٿي سگهي ٿو. گهڻي مطالعي ۽ غور فڪر کان پوءِ دانشور جو مقام به حاصل ڪري سگهي ٿو. ٻين جي لکڻين ۽ مضمونن جي اعتدالي نموني سان ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ نقاد به ٿي سگهي ٿو. هڪ عام ليکڪ کان عوامي ليکڪ ٿيڻ تائين ماڻهو کي کوڙ سارا مرحلا طئي ڪرڻا پوندا آهن. تڏهن به پاڻ پنهنجي هن مضمون ۾ اڄ اُنهن بنيادي نقطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين جن نقطن کي اڄ جو نوجوان يا ته سمجهي نه سگهيو آهي يا وري اُنهن کي سمجهڻ ئي نه ٿو چاهي. جنهن ڪري ادب ۾ سندس واڌ ويجھ ۽ ترقي کي ٻُڏو اچي ويو آهي.

ڪتابن کي پڙهڻ، خريد ڪرڻ يا اُنهن مان ڪا شئي اخذ ڪرڻ لاءِ پهريون معيار هي آهي. جنهن کي صفتي معيار (Quality Standard) چيو ويندو آهي. اوهان جنهن ڪتاب کي پڙهڻ چاهيو ٿا. اُهو ڪتاب ادب جي ڪهڙي صنف تي لکيل آهي؟ سندس ڇاپيندڙ ادارو ڪهڙو آهي؟ اُن ڪتاب جي ليکڪ سان اوهان جي ڪيتري قدر شناسائي آهي؟ اوهان اُن کي ڪيتري قدر ڄاڻو ۽ سُڃاڻو ٿا؟ ادب ۾ اُن جو ڪيل ڪم ڪيتري قدر معيار وارو ۽ اهميت جي حامل آهي؟ سنڌ اندر هر روز الائي ته ڪيترا ڪتاب ڇپجن ٿا. اِها هڪ خوش آئينده ڳالھ آهي پر تڏهن به اهم نقطو ۽ قابل غور ڳالھ اِها آهي ته اُنهن ڪتابن ۾ ڪيترا ڪتاب معياري هجن ٿا ۽ ڪيترا ڪتاب غير معياري هجن ٿا؟ هي نقطو اسان جي ذهني مونجهارن کي حل ڪرڻ ۾ اسان جو مددگار ثابت ٿيندو.

انهي کان علاوه ٻيو اهم نقطو اِهو آهي ته اوهان جي لکڻ جو اسلوب ڪهڙو آهي ۽ اوهان کي ڪهڙي ليکڪ جا ڪتاب وڌيڪ پسند آهن؟ جيڪڏهن اوهان پاڻ لکو ٿا ته اوهان جو پنهنجو اسلوب ڪهڙو آهي؟ ڇا اوهان جي لکڻين ۾ رواني آهي؟ اوهان جو تحريرون ورجاءُ کان پاڪ آهن؟ واندڪائي جي گهڙي ۾ هنن سوالن تي ٿورو سوچجو ضرور. گهڻي قدر ائين آهي ته اڄ جو نوجوان پڙهي گهٽ ٿو ۽ مون وانگر لکي گهڻو ٿو. آئون پاڻ بذات خود مطالعو گهٽ ڪندو آهيان ۽ لکڻ جي معاملي ۾ وري چُپ ڪري ويهي ڪونه سگهندو آهيان. جيڪا منهنجي پنهنجي ذاتي ڪمزوري آهي. مطالعو جيترو وسيع هوندو، خيال انهي جي ڀيٽ ۾ اڃا وڌيڪ مضبوط ۽ منظم ٿيندا. لکڻين جا نوان ۽ جديد موضوع متعارف ٿيندا. اُنهن لکڻين ۾ پڙهندڙن لاءِ سکڻ لاءِ گهڻو ڪجھ هوندو. اڄ جو سيکڙاٽ نوجوان جيڪو تازو ادب ۾ پساھ کڻي ٿو سو چاهي ٿو ته کيس کن پل ۾ سُٺي مڃتا ملي ۽ سندس واکاڻ هر جڳھ تي ٿئي.

اِنهي سوچ جي پاسداري ڪندي اُهو نوجوان کوڙ ساريون غلطيون ڪري وجهي ٿو. ڪا به تحرير جهڙوڪ ڪالم، مضمون يا ڪهاڻي لکڻ مهل مسودي جي اصل نشانين جنهن کي بيهڪ جون نشانيون چيو ويندو آهي. اُنهن نشانين جي غلط استعمال کي معمول بڻائي ڇڏي ٿو يا مورڳهو اُنهن نشانين کي پنهنجي لکڻين ۾ قطب ئي نه ٿو آڻي.

جنهن سبب سندس لکڻي ۾ اثر گهٽ ٿيو وڃي ۽ پڙهندڙ کي پڙهڻ ۾ پڻ ڌڪت ٿيندي آهي. اِن لاءِ بهتر آهي ته لفظن سان پيچ پائڻ کان پهريان لفظن جي اصلي ساخت، انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم سميت انهن جي درست استعمال کي سمجهي ڪري پوءِ ئي ڪجھ لکجي تڏهن ئي هڪ معنيٰ خيز لکڻي تيار ٿيندي ۽ پڙهندڙ کي متاثر به ڪندي. ڪجھ ڏينهن پهريان سنڌ جي هڪڙي پبلشر سان ڪچهري ٿي. اُهو ويچارو به اها ساڳي دانھ ڪري رهيو ته” يار اڄ ڪلھ جا نوجوان پنهنجي لکڻين ۾ لفظن جو درست استعمال ڪرڻ ڪونه ٿا ڄاڻن ۽ کوڙ سارين غلطين سان گڏ پنهنجون تحريرون اسان کي ميل ڪن ٿا. وري اسان کي انهن تي مٿو ماري ڪرڻو ٿو پوي.

گذريل سان هڪڙي رسالي جي ايڊيٽر به اها ڳالھ مون سان ڪئي هئي ۽ اهڙو اعتراف سنڌي جي هڪ وڏي اخبار جي ايڊيٽر به ڪئي. اُن به چيو هو ته مواد کي منهن مهانڊو ڏيڻ ۾ اسان جو گهڻو وقت ضايع ٿيو وڃي. ان لاءِ اڄ جي نوجوان طبقي ۾ لکندڙ دوستن کي گذارش آهي ته اوهين لکو ڀلي، پر ٻولي جي حُسناڪي نه بگاڙيو ۽ لفظن سان گڏ انهن جي گهربل نشانين جهڙوڪ ڪاما، فل اسٽاپ ۽ ننڍي ڏنگي توڙي وڏي ڏنگي جو استعمال سکي ڪري پوءِ ئي لکڻ واري ڪرت سان لڳي وڃو ته جئين اوهان اڳتي هلي ڪري هڪ سُٺا اديب ٿي سگهو. باقي شهرت ۽ نالي پٺيان ٻولي کي پٺي ۾ ڪهاڻي نه هڻو ته بهتر – وڌيڪ اوهان جي مرضي!

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.