حيدرآباد جي بازارن ۾ ٻارڙن جي به رش

حيدرآباد(رپورٽر) ڪورونا وائرس جي وبا شروع ٿيڻ کان پوءِ ٻن مهينن بعد عيدالفطر واري موقعي تي پهريون ڀيرو والدين پنهنجن ٻارڙن کي گهرن کان ٻاهر نڪري خريداري ڪرڻ جي اجازت ڏني، حيدرآباد شهر ۾ عيد جي تياري لاءِ دڪانن تي ٿيندڙ خريداري دوران عورتون پنهنجن ٻارڙن کي ريشم گلي، چاندني شاپنگ سينٽر، لطيف آباد نمبر 8 واري بازار سميت ٻين شاپنگ سينٽرن تي پاڻ سان گڏ وٺي آيون، جتي ٻارڙن والدين سان گڏجي خريداري ڪئي، جڏهن ته عيد واري ڏهاڙي تي پڻ حيدرآباد شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻارڙا عيد جي مليل خرچي مان خريداري ڪندا رهيا.17

ميهڙ لڳ عورتن مڙدن ۽ معصوم ٻارڙن جو جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

ميهڙ (ن ع آ) ميهڙ لڳ پپري ڳوٺ ڀرسان دين محمد کوسو جي رهواسين عورتن مڙدن ۽ معصوم ٻارڙن جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف مظاهرو خبر موجب  ميهڙ لڳ ڳوٺ دين محمد کوسو جي رهواسين فريادي گل بهار کوسو عورتن شبانه حضوران شهناز معصوم ٻارڙن ماريه سپنا جبل پيرسن نظير احمد کوسو غلام علي ميهڙ پريس ڪلب پهچي ٻڌايو ته ڪجه وقت اڳ جوابدارن اسلم شاهد غفار شهبان خادم اعجاز ۽ علي رضا عرف گوڪو طرفان عورتن سان زيادتي ڪرڻ جي ڏوه ۾ دادو ڪورٽ سيشن جج جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي هنن چيو ته ميهڙ پوليس اسانجي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري جوابدارن کان اسان کي زندگي جو خطرو لاحق آهي جيڪي اسان کي مسلسل ڌمڪيو ڏئي رهيا آهن ته ڪيس تان هٿ کڻو نه ته ٻي صورت ۾ توهان کي زنده نه ڇڏينداسين هنن چيو ته اسان کي اهڙن وحشي ظالمن کا بچايو وڃي  ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي هن چيو ته ميهڙ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏيئي هنن چيو ته چيف جسٽس آف سنڌ آ۽ جي سنڌ ڊي آ۽ جي حيدر آباد ايس ايس پي دادو اسان جو  نوٽيس وٺن ۽ اسان سان انصاف ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.