موري ۾ يارنهن هزار تار ڪرڻ پورهيت فوت ٿيو هو، واثن جو احتجاج

مورو ( ت ر ) مورو ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ درس روڊ چوهاڻ ڪالوني وٽ بجلي جي يارهن هزار وولٽيج جي تار ڪرڻ ڪري پورهيت نوجوان گل حسن ڏاڏو چوهاڻ فوت ٿي ويو هو، جنھن جي وارثن معصوم ٻارڙن عورتن سميت عيد جي ڏينهن مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪري انصاف جي گهر ڪئي، جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شاهنواز ڀٽي خادم بالادي  پڻ هن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي فوتي پورهيت جي والد ارباب علي چوهاڻ چيو ته سيپڪو جي لاپرواهي جي ڪري يارهن هزار جي وولٹیج جي تار منهنجي پٽ گل حسن ڏاڏو چوهاڻ جي مٿان ڪرڻ ڪري فوت ٿي ويو هو، پر هن مهل تائين اسان کي انصاف ناهي مليو پٽ جا يتيم معصوم ٻار سندس  بيواهه گهر واري بي سهارا بڻجي  ويا آهن، انهن جون ۽ اسان جون  سڀ خوشيون عيدون ختم ٿي ويون آهن، هن چيو ته جيستائين انصاف نه ٿيندو اسان جو احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.