فطرانو، عيدالفطر ۽ بخشش جو ڏينهن

محمد فاروق ٻرڙو

الله رب العالمين اسان کي رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ نصيب فرمايا ۽ اڄوڪي ڀلاري عيد الفطر جي ڏينهن پنهنجي درگاھ (بارگاھ) عيد گاھ ۾ حاضر ڪري ٻه رڪعتون نماز پڙھڻ جي سعادت نصيب فرمائي، ھي عيد الفطر جو ڏينهن الله پاڪ جي رحمتن، برڪتن سخاوتن ۽ عنايتن جو ڏينهن آهي، رمضان جي روزيدارن شب بيدارن لاءِ ھي انعامن ملڻ جو ڏينهن آهي،

عيد جي شرعي ۽ تاريخي حيثيت: عيد الفطر جي ڏينهن الله رب العالمين پنهنجي ٻانھن جي متعلق فرشتن کان پڇندو آهي ته اي فرشتو ان مزدور جي ڇا مزدوري آهي جيڪو پنهنجي محنت جو حق پورو ڪري چڪو آهي، فرشتا عرض ڪن ٿا اي ربّ ان جي مزدوري ۽ صله اھو آھي ته ان کي ان جو پورو عيوض ڏنو وڃي، فرشتن جي ان جواب تي رب العالمين ارشاد فرمائي ٿو اي فرشتو آءٌ اوھان کي شاھد بڻائي ڪري اعلان ٿو ڪريان ته مون رمضان جي روزن رکڻ وارن تراويحن ۽ نفلن ۾ قيام ڪرڻ وارن عيد نماز پڙھڻ وارن جا گناھ معاف ڪري ڇڏيا، انھن جي عيبن کي ڇپائي ڇڏيم ۽ جيڪو به سوال ڪندا انھن کي قبوليت جو شرف بخشيندس ان کان بعد الله پاڪ پنهنجي ٻانھن سان مخاطب ٿي ڪري فرمائي ٿو اي منھنجا ٻانھو واپس ٿيو مون اوهان کي بخشي ڇڏيو ۽ توهان جي براين کي نيڪين سان مٽائي ڇڏيم پوءِ اھي ٻانھا ھن حالت ۾ گھرن ڏانهن موٽن ٿا جو انھن جي مٿان ڪو به گناھ نه ھوندو آھي، (مشڪواة شريف)

ھڪ ٻئي حديث آهي ته حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته جڏهن عيدالفطر جو ڏينهن ايندو آهي ته ملائڪ رستن جي دروازن تي بيھي رھندا آھن ۽ آواز ڏيندا آهن ته اي مسلمانو، رب ڪريم جي دروازي تي اچو اھو اوھان جي لاءِ ڀلائي ۽ خير جا خزانا کوليون ويٺو آهي ۽ اوهان کي تمام وڏا انعام ڏيندو، جنهن اوهان کي رمضان شريف جي راتين ۾ تراويحن پڙھڻ جو حڪم ڪيو ھو، اھي اوھان پڙهيون ۽ جنھن اوھان کي رمضان شريف جي روزن جو حڪم ڪيو ھو،اوھان اھي روزا رکيا آهن، توهان پنهنجي ربّ جي پوري فرمانبرداري ڪئي آهي، سو ان جو ثواب ۽ انعام حاصل ڪريو پوءِ جڏهن ٻانھا عيد نماز پڙهڻ شروع ڪن ٿا ته ھڪ ملائڪ اعلان ڪري ٿو، ڪن ڏئي ٻڌو بيشڪ توھان جي رب توھان جا گناھ بخشي ڇڏيا آهن، ھاڻي توھان پنھنجي گھرن ڏانهن گناھن کان پاڪ ۽ صاف ٿي ڪري واپس وڃو،(ترغيب، مجمع الزوائد) معلوم ٿيو ته ھي عيد جو ڏينهن تمام بابرڪت ڏينهن آهي، مگر ڪافي ماڻهو اڄوڪي ڏينهن ان سعادت کان محروم رھن ٿا ۽ خدا تعالي جي توفيق انھن سان شامل حال نه ٿي ٿئي،

عيد الفطر جي ڏينهن آهي پر الله رب العالمين جي عبادت ڪرڻ جو ڏينهن آهي من مان مير ڪڍڻ جو ڏينهن آهي، عيد بعد جڏهن پاڻ ۾ ملو ته اوھان جا سينا صاف ھجن، دل پيار ۽ محبت سان ڀريل ھجي،

عيد واري ڏينهن ھڪ طرف مالڪ ڪريم جون رحمتون ونڍجن ٿيون ته ٻئي طرف انسان جو ازلي دشمن ابليس لعين جيڪو سارو رمضان شريف جو مھينو قيد ھيو اھو به آزاد ٿئي ٿو اھو به مسلمانن کان ساري مھيني جون ڪسرون ڪڍي ٿو، مسلمانن کي گناھن ۾ مبتلا ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪري ٿو، تنھن ڪري گناھن کان بچو، پنهنجي پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪيو ان ۾ اسان جي نجات ۽ ڪاميابي آهي،

فطري ادا ڪرڻ جو وقت: حديث شريف ۾ آهي، يعني فطري لاءِ حضرت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته عيد گاھ جي طرف رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ ان کي ادا ڪيو وڃي، اھو حڪم استحبابي آهي انھيءَ وقت ادا ڪرڻ مستحب آهي پر جيڪڏهن عيد نماز کان بعد ادا ڪري تڏهن به جائز آهي،( مشڪواة شريف)

فطري ۾ حڪمت: يعني حضور رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فطري کي ھن ڪري مقرر ڪيو آهي، ھڪ ته جيئن ڪني ڳالھائڻ ۽ گناھن کان روزي کي پاڪ ڪيو وڃي ٻيو ته مسڪينن جو کاڌو به ٿي پوي مطلب ته روزي ۾ جيڪو گندو ڳالھايو ويو ۽ گناھ جو ڪم ٿي پيو، فطري جي ادا ڪرڻ سان روزو انھن گناھن کان پاڪ ٿي پوي ٿو ۽ پڻ مسڪينن ۽ محتاجن لاءِ کاڌو به بڻجي پوي ٿو ان ڪري عيد گاھ جي وڃڻ کان اڳ ۾ فطرو ڏيڻ مستحب آهي ته جيئن اھي به ٻين مسلمانن وانگر سٺو ڪري کائن،(مشڪواة شريف) عيد جي ڏينهن فطري ادا ڪرڻ کان بعد ٻيو پروگرام آهي عيد گاه جي رستي ۾ تڪبيرون پڙھڻ، تڪبيرون پڙھڻ مستحب آهن، يعني الله اکبر اللّه اکبر لااله الاالله والله اکبر والله  اکبر وللّٰه الحمد

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.